English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ڀرسان ھانُ ڏاريندڙ روڊ حادثو، 4گهرڀاتين سميت 5 ڄڻا اجل جو شڪار
views
|
14th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سامارو روڊ تي ڪلٽس ڪار ۽ مزدا وچ ۾ زوردار ٽڪر، معصوم ٻارڙن سميت پنج ڄڻا اجل جو شڪار
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ڀرسان ھانُ ڏاريندڙ روڊ حادثو، ھڪئي گھر جي 4 ڀاتين سميت 5 ڄڻا فوت، گھر ۾ قھرام متل، سوڳوار ماحول ڇائينل. خبر موجب عمرڪوٽ سامارو روڊ تي سونپور اسٽاپ لڳ ھان ڏاريندڙ روڊ حادثو پيش آيو آھي جتي ڪلٽس ڪار ۽ مزدا وچ ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ عمرڪوٽ شھر جي چنديرام پاڙو جي رھواسي منگھارام مالھي جو نوجوان پٽ ڪيلاش مالھي سندس ڀاڄائي جنتا زال سروڻ مالھي، 4 سالا ڪارتيڪ پٽ سروڻ مالھي، 6 سالا مھاوير پٽ سروڻ مالھي ۽ ڊرائيور پرشوتم اوڏ تڏي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته معصوم ٻارڙو وويڪ پٽ ڪيلاش مالھي زخمي ٿي پيو جڏھن ته حادثي جي اطلاع تي پوليس ۽ مقامي ماڻھن زخمين ۽ فوتين کي سول اسپتال آندو جتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي ويئي ۽ اطلاع ملڻ تي سوين شھري پڻ سول اسپتال پُھچي ويا جتي فوتين ج لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جڏھن ته زخمي ٻارڙي کي طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو
ھوڏانھن فوتين جا لاش گھر پُھچڻ تي روڄ راڙو قھرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ پڻ 5 ڄڻا فوت ٿيڻ تي سوڳوار ماحول ڇائينجي ويو ھو ۽ ھر اک آلي ھئي
عمرڪوٽ:حادثي ۾ فوت ٿي ويل جنتا زال سروڻ مالھي پنھنجي والدين وٽ سامارو ويل ھئي ته سندس ڏير ڪيلاش مالھي سان گڏ عمرڪوٽ اچي رھيا ھئا ته حادثو پيش آيو فوتي ڪيلاش مالھي جي 2 سال اڳ ۾ شادي ٿي ھئي
عمرڪوٽ:روڊ حادثي سبب ڪلٽس ڪار مڪمل طور تي تباھ ٿي ويئي پيش آيل ڏکويندڙ حادثي جو رات دير تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو ھو جڏھن ته حادثي جو ڪارڻ مزدا جو ڊرائيور فرار ٿي ويو ۽ حد جي تعلقه پوليس مزدا گاڏي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اجل جو شڪار
عمرڪوٽ
0 تبصرے