English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير بار ايسوسيئيشن پاران تڪراري ڪئنالن ۽ سنڌ جي زمين ڏيڻ خلاف ڪانفرنس منعقد
41 views
|
22nd Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياھ سنڌ جو جياپو، تهذيب ۽ سڃاڻپ آهي اسان سنڌ جا قانوندان تڪراري ڪئنالن کي رد ڪريون ٿا: وڪيل اڳواڻ
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ جي زمين ڏيڻ خلاف ملير بار ايسوسيئيشن طرفان ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ بار ڪائونسل، ملير، ڪراچي، سنڌ هاءِ ڪورٽ، ٺٽو، بدين سميت مختلف بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن سنڌ دشمن رٿائن کي رد ڪري ڇڏيوڪانفرنس ۾ هاء ڪورٽ بارايسوسيئيشن جي صدر سرفراز ميتلو، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر وڙائچ، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبرن ذوالفقار جلباڻي، عبدالحفيظ لاشاري، نعيم قريشي، ، سليم مڱريو، احسان سيال، اقبال عنايت جتوئي، محمد اشرف سمون،حسين بخش ساريو ،بيريسٽر ارشد شر، ملير بار ايسوسيئيشن جي صدر ارشاد شر ،جنرل سيڪريٽري اياز چانڊيو، ناصر رضا رند، عاقب راڄپر، ۽ ٻين وڏي تعداد جي شرڪت ڪئي مقررن جو چوڻ هو ته سنڌو درياھ سنڌ جو جياپو، تهذيب ۽ سڃاڻپ آهي اسان سنڌ جا قانوندان سنڌو مٿان ڪئنال رد ڪريون ٿا هڻن چيو ته سنڌو درياءَ مٿان ڪئنال ڪڍڻ عالمي قانون ۽ پڇڙي تي آباد انسانن، ابي جيوت، ماحوليات جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي وفاق ۽ پنجاب پنهنجي هوڏ ختم ڪري هنن چيو ته سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن کي بک اڃ مارڻ، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بنجر ڪرڻ لاءِ ڪئنال ٺاهيا پيا وڃن ڪئنال ٺهڻ سان ڪراچي حيدرآباد سکر ميرپورخاص لاڙڪاڻو شهر به پاڻي کان محروم ٿي ويندا سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب اڳ ۽ سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي جيڪڏهن وڌيڪ ڪئنال ٺاهيا ويا ته سنڌ وڌيڪ تباھ ٿي ويندي ڪارپوريٽ فارمنگ سببن زمين تي قبضو ٿي رهيو آهي هنن اعلان ڪيو ته وڪيل برادري ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن وفاقي سرڪار فيصلا واپس نه ورتا ته سنڌ جا وڪيل سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا اسان اهڙا فيصلا قبول نه ڪنداسين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير بار ايسوسيئيشن
تڪراري ڪئنالن
ملير
سنڌ هاءِ ڪورٽ
0 تبصرے