English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير بار ايسوسيئيشن پاران تڪراري ڪئنالن ۽ سنڌ جي زمين ڏيڻ خلاف ڪانفرنس منعقد
209 views
|
22nd Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياھ سنڌ جو جياپو، تهذيب ۽ سڃاڻپ آهي اسان سنڌ جا قانوندان تڪراري ڪئنالن کي رد ڪريون ٿا: وڪيل اڳواڻ
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ جي زمين ڏيڻ خلاف ملير بار ايسوسيئيشن طرفان ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ بار ڪائونسل، ملير، ڪراچي، سنڌ هاءِ ڪورٽ، ٺٽو، بدين سميت مختلف بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن سنڌ دشمن رٿائن کي رد ڪري ڇڏيوڪانفرنس ۾ هاء ڪورٽ بارايسوسيئيشن جي صدر سرفراز ميتلو، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر وڙائچ، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبرن ذوالفقار جلباڻي، عبدالحفيظ لاشاري، نعيم قريشي، ، سليم مڱريو، احسان سيال، اقبال عنايت جتوئي، محمد اشرف سمون،حسين بخش ساريو ،بيريسٽر ارشد شر، ملير بار ايسوسيئيشن جي صدر ارشاد شر ،جنرل سيڪريٽري اياز چانڊيو، ناصر رضا رند، عاقب راڄپر، ۽ ٻين وڏي تعداد جي شرڪت ڪئي مقررن جو چوڻ هو ته سنڌو درياھ سنڌ جو جياپو، تهذيب ۽ سڃاڻپ آهي اسان سنڌ جا قانوندان سنڌو مٿان ڪئنال رد ڪريون ٿا هڻن چيو ته سنڌو درياءَ مٿان ڪئنال ڪڍڻ عالمي قانون ۽ پڇڙي تي آباد انسانن، ابي جيوت، ماحوليات جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي وفاق ۽ پنجاب پنهنجي هوڏ ختم ڪري هنن چيو ته سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن کي بک اڃ مارڻ، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بنجر ڪرڻ لاءِ ڪئنال ٺاهيا پيا وڃن ڪئنال ٺهڻ سان ڪراچي حيدرآباد سکر ميرپورخاص لاڙڪاڻو شهر به پاڻي کان محروم ٿي ويندا سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب اڳ ۽ سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي جيڪڏهن وڌيڪ ڪئنال ٺاهيا ويا ته سنڌ وڌيڪ تباھ ٿي ويندي ڪارپوريٽ فارمنگ سببن زمين تي قبضو ٿي رهيو آهي هنن اعلان ڪيو ته وڪيل برادري ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن وفاقي سرڪار فيصلا واپس نه ورتا ته سنڌ جا وڪيل سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا اسان اهڙا فيصلا قبول نه ڪنداسين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير بار ايسوسيئيشن
تڪراري ڪئنالن
ملير
سنڌ هاءِ ڪورٽ
0 تبصرے