English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
صوبائي وزير محمد بخش مهر جي هدايت تي مورو جي گرلس ڊگري ڪاليج ۾ راندين جا مقابلا
142 views
|
26th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ڊسٽرڪٽ گيمز نوشهروفيروز 2025 جي راندين جي تقريب منعقد ڪئي وئي، ڊي سي ارسلان سليم ۽ ٻيا شريڪ
مورو (رپورٽر) مورو ۾ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج مورو جي پرنسپل پروفيسر افشان بانو ڪانڌڙو جي نگراني ۾ اسپورٽس ۽ يوٿ افيئرس کاتي جي صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر ۽ صوبائي سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري جي ھدايتن تي ڊسٽرڪٽ گيمز نوشهروفيروز 2025 جي راندين جي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ارسلان سليم اسٽنٽ ڪمشنر مورو مستقيم قريشي ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز شھيد بينظيرآباد پروفيسر محمد سليمان سيال راشد مورائي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مورو ٽائون ڪيمپس جي هيڊ ماستر تعليمي ماهر راشد مسعود عباسي ميونسپل ڪاميٽي مورو جي چيئرمين نذير احمد ميمڻ پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقه مورو جي صدر دوست علي سولنگي پرنسپل افشان بانو ڪانڌڙو اسپورٽس آفيسر نوشهروفيروز شهباز خان عباسي پروفيسر احسان علي ڪانڌڙو ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليجز پروفيسر قمر الدين ڪيريو ڊائريڪٽر ڪاليجز شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه پروفيسر ڪاشف نوراني پروفيسر ڊاڪٽر علي رضا قاضي جاويد مصطفلي ڪانڌڙو حاجي اقبال احمد ميمڻ ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ ذاڪر حسين ميمڻ پروفيسر عبدالغفار ڪيريو هاء اسڪول مورو جي هيڊ ماستر اشرف علي گلاباڻي ڊي ايس پي مورو محسن رضا جنڊاڻ دولت پور ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ارشاد احمد اوٺو گرلز ڪاليج پڊعيدن جي پرنسپال پروفيسر بخش علي چانڊيو ذوالفقار علي عالماڻي اسپورٽس سانگهڙ جي آفيسر ڪائنات قمر راڻا واجد علي پروفيسر سيمان ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏهن ته مورو پريس ڪلب جي آفيس سيڪريٽري صحافي جاني جماڻي صحافي اختر علي لغاري صحافي ظفر پنهور صحافي عارف يوسفزئي کي صحافت م بهترين ڪارڪردگي تي ايوارڊ شيلڊون ڏنيون ويون ٻين شرڪت ڪئي مختلف راندين ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري ڪامياب ٿيندڙ شاگردياڻين ۽ شاگردن کي ٽرافيون شيلڊون گولڊ ميڊل انعام ڏنا ۽ آيل مهمانن ۽ صحافين کي به گرلز ڪاليج جي طرفان شيلڊون ڏنيون ويون جڏهن ته معصوم شاگردياڻين شاگردن تعليمي ثقافتي ۽ قومي گيتن تي پرفارمنس ڪري داد حاصل ڪيو ان موقعي تي مقررين خطاب ڪندي چيو ته شاگردياڻين ۽ شاگردن مختلف راندين ۾ حصو وٺي بهتر انداز م راند ڪري پنهنجو پاڻ کي مڃرايو آهي شاگردياڻين ۽ شاگردن م وڏو ٽئلنٽ آهي اسان کي يقين آهي هو قومي راندين ۾ پھچي ويندا راندين جي سرگرمين سان حوصلا بلند ٿين ٿا ۽ جذبو پيدا ٿئي ٿو هنن چيو ته شاگردياڻين شاگردن لاء تعليم ضروري آهي اهڙي طرح انهن لاء رانديون به ضروري آهن تعليم سان گڏوگڏ راندين م ڀرپور طريقي سان حصو وٺي اڳتي وڌڻ کپي مورو جي گورنمينٽ گرلس ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر افشان بانو ڪانڌڙو ۽ سندس ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن هميشه تعليم شاگردياڻين ۽ شاگردن جي بهتري ڀلائي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هن گرلس ڪاليج پنهنجو ملهايو آهي جڏهن ته راشد مورائي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مورو ٽائون ڪيمپس جي هيڊ ماستر تعليمي ماهر راشد مسعود عباسي راندين ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري ڪاميابي حاصل ڪندڙ گرلس ڪاليج جي شاگردياڻين لاء 50 هزار روپيه ۽ راشد مورائي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي راندين ۾ حصو وٺي ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگردن لاء 30 هزار روپيه انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مورو
گرلس ڊگري ڪاليج
ڊسٽرڪٽ گيمز نوشهروفيروز
0 تبصرے