English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٽالهي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پئيڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو
102 views
|
28th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سون جي تعداد ۾ رهواسي شهر جي واٽر سپلائي جي تلائن تي پاڻي ڀرڻ تان مجبور
ٽالهي (رپورٽر) ٽالهي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پئيڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪرڻ لڳو سون جي تعداد ۾ شهري ۽ علائقي واسي شهر جي واٽر سپلائي جي تلائن تي پاڻي ڀرڻ لاءِ موٽرسائيڪلن ۽ رڪشن ذريعي پهچي ويا پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي پيئڻ جو صاف پاڻي ملڻ مشڪل ٿي ويو آهي پري پري کان موٽرسائيڪلن رڪشن ذريعي پاڻي ڀري وڃڻ تي مجبور آهيون، نارا ڪئنال جو ترقياتي ڪم جلد از جلد مڪمل ڪري پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ته جئين اسان جون پريشانيون گهٽ ٿي سگهن، علائقي واسي خبر موجب ٽالهي شهر ۽ هن جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سالياني واري بندي کانپوءِ پئيڻ جي پاڻي جو سخت بحران پيدا ويو جنهن سبب شهرين سميت علائقي واسي پئيڻ جي صاف پاڻي لاءِ دربدر ٿيڻ لڳا آهن شهر جي مک واٽر سپلائي جي تلائن جو پاڻي به انقريب ختم ٿيڻ ڪري تلائن ۾ بيٺل گندلو ۽ بدبودار پاڻي واپرائڻ تي مجبور بڻجي ويا توڙي جو مختلف ڳوٺن ۾ لڳل هينڊ پائيپن ۽ نلڪن تان جر جو پاڻي خريد ڪري ۽ ڀري اچڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن انهي سلسلي ۾ شهرين توڙي علائقي ميڏيا سان ڳالهائيندي چيو ته سالياني واري بندي شروع ٿيڻ جي 9 ڏينهن پهرين 26 ڊسمبر 2024 کان اسان وٽ سب ڊويزن نئون ڪوٽ مٺڙائو ڪينال مان نڪرندڙ شير ڊسٽري جو پاڻي بند ڪيو ويو ۽ انتظاميا جي نااهلي سبب شهر جي مک واٽر سپلائي جي تلائن ۾ پاڻي مڪمل اسٽاڪ ٿي نه سگهيو، تلائن جي مڪمل صفائي نه ٿيڻ ڪري تلا پڻ اڌو اڌ لٽجي ويا آهن جنهن سبب وقت کان اڳ تلائن جو پاڻي ختم ٿي ويو آهي اسان مجبورن راڪاس مهانگائي ۾ پاڻي موٽرسائيڪل رڪشن تي ڀري وڃڻ ۽ خريد ڪرڻ تي مجبور بڻجي ويا آهيون، نارا ڪئنال جو ترقياتي ڪم سست رفتاري سان ٿيڻ ڪري اڃان تائين پاڻي ڇوڙ ناهي ڪيو ويو جنهن سبب چيٽ جي بيٺل فصل کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي هنن ڊائريڪٽر نارا ڪئنال سميت لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته نارا ڪئنال جو ترقياتي ڪم جلد از جلد مڪمل ڪري پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ۽ شهر جي واٽر سپلائي جي تلائن جي صفائي ڪرائي ڏني وڃي ته جئين اسان کي پئيڻ جو صاف پاڻي مهيا ٿي سگهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٽالهي
0 تبصرے