English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ويجھو ڄاڃين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي، 4 ڄڻا اجل جو شڪار، 20 کان وڌيڪ زخمي
views
|
29th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ڳوٺ ڍنڍ وٽ ڄاڃين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿي کاھي ۾ ڪري پئي
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري ويجھو ڳوٺ ڍنڍ وٽ ٽريڪٽر ٽرالي کاھي ۾ ڪلٽي ٿي پئي، جنھن جي نتيجي ۾ وھان تي ويندڙ ڄاڃين سان ڀريل ٽرالي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 20 کان وڌيڪ ٻارڙا، عورتون ۽ مرد ٽرالي ھيٺان دٻجي زخمي ٿي پيا آھن، جنھن کي ڪڍڻ لاءِ آس پاس جا ڳوٺاڻا پھتا، جڏهن ته اطلاع تي ايئرپورٽ پوليس جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي امدادي سرگرمين ۾ شامل ٿي ويا آهن. ھوڏانھن تعلقه اسپتال ڏوڪري مان ايمبولنسون ۽ ريسڪيو 1122 طرفان واقعي واري هنڌ روانيون ڪيون ويون آھن. ھوڏانھن مليل معلومات موجب ڳوٺ ڍنڍ واسي نوجوان وسيم ڪيريو جي نصيرآباد مان شادي بعد ڄاڃين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي واپس اچي رھي ھئي ته ڳوٺ ڍنڍ ٻاھران حادثي جو شڪار بڻي، جن مان 4 زخمين کي تعلقي اسپتال ڏوڪري پھچايو ويو آهي، جتي زخمن جا سور نه سگھندي فوت ٿي ويا. فوتين ۾ گھوٽ جو ننڍو ڀاءُ 6 سالن جو عبدالله ڪيريو، 50 سالن جي زرينه چنو، سندس پوٽي 12 سالن جي بسمه چنو ۽ 7 سالن جو ماجد ڪيريو شامل آھن. ٻئي طرف ايمبولنس ۽ ريسڪيو 1122 ۽ عام گاڏين ذريعي زخمين کي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو منتقل ڪيو پيو وڃي، جنھن سبب فوتين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو ظاھر ڪيو پيو وڃي. ھوڏانھن اسپتال ٻاھران حادثي ۾ فوتين جا وارث روئندا ۽ رڙيون ڪندا رھيا، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏوڪري
ڳوٺ ڍنڍ
0 تبصرے