English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاجي مظاهرو
169 views
|
02nd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، ڇهه ڪئنال سنڌ لاءِ موت ثابت ٿيندو، اهڙو ڪو منصوبو قبول ناهي: اڳواڻ
عمرڪوٽ(رپورٽر) عمرڪوٽ ۾ سنڌو درياھ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف سياسي سماجي اڳواڻ به سراپا احتجاج بڻيل، پ پ ھاري ڪميٽي جي سڏ تي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو، سخت نعري بازي ڪندي سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو خبر موجب سنڌو درياء مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف عمرڪوٽ ۾ پ پ ھاري ڪميٽي جي سڏ تي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جنھن ۾ پ پ ھاري ڪميٽي جي ضلعي صدر ڪامريڊ واحد بخش سمون، پ پ اڳواڻن گهنشام بجير، عنايت الله پلي، رامچند ڀيل، ليڊيزونگ اڳواڻن آمي ڀيل، گلزاران سمون سميت ٻين سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي احتجاج دوران دانھيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ گهڻي وقت کان برقرار آهي مٿان وري ارسا ايڪٽ ۾ غيرقانوني ترميمون ڪري سنڌو درياءۡ مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سُڪائڻ لاءۡ سازشون ڪيون پيون وڃن سنڌو درياءۡ اسانجو جياپو آهي ان مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف مزاحمت تيز ڪري اهو غيرقانوني منصوبو رد ڪرايو ويندو سنڌو درياه تي ٺھندڙ ڪوبه ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي وفاقي سرڪار سنڌو درياءۡ مان 6 غيرقانوني ڪينال ڪڍي سنڌ ڌرتي کي سڪائڻ چاھي ٿي جيڪو عمل انتھائي افسوس ناڪ آھي سنڌو درياء سنڌي قوم جو جياپو آھي سنڌو تي ڪئنال اڏڻ سان سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين غيرآباد ٿي ويندي سنڌ جي زمين آباد نه ٿيندي ته سنڌي قوم معاشي بدحالي جو شڪار ٿي ويندي وفاقي حڪومت کي سنڌو درياءۡ تي ڪئنال اڏڻ جو ڪونه حق ناهي فورن سنڌو درياءۡ تي غيرقانوني ڪئنال اڏڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے