English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور پوليس مقابلو، 20 لک انعام يافته ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار
219 views
|
02nd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
گرفتار ٿيل ڏوھاري جي سڃاڻپ شريف عرف ٽڪي لولائي جي نالي سان ٿي آهي: ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور پوليس مقابلو، ڌاڙيلن جي زمين تنگ، 20 لک جي انعام يافته ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار ، ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ جو چوڻ هو ته گرفتار ٿيل ڏوھاري جي سڃاڻپ شريف عرف ٽڪي لولائي جي نالي سان ٿي آهي. گرفتار ٿيل ڏوھاري قتل، ڦر، چوري ۽ رھزني سميت 12 سنگين ڪيسن ۾ گهربل/ملوث آهي. ايس ايس پي شڪارپور وڌيڪ چيو ته جوابدار کي اڄ منجهند بڊي پوليس ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ سومراڻي وڌيو ويجهو مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. ڏوھاري کي گرفتار ڪرڻ لاءِ نيو فوجداري ٿاڻي جي ايس ايڇ او خليل احمد رند تي مشتمل هڪ خاص ٽيم جوڙي وئي هئي.گرفتار ٿيل ڏوھاري انتهائي خطرناڪ ۽ علائقي ۾ خوف جي علامت سمجهيو ويندو هو. گرفتار ٿيل ڏوھاري جو ڪرمنل رڪارڊ موجب مٿس ڪيس داخل ٿيل آهن، ڏوھاري چاھي ڪٿي به روپوش ٿي وڃي پر قانون جي گرفتاري کان بچي نٿو سگهي. ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ پاران نيو فوجداري ٿاڻي جي پوليس کي سٺي ڪارڪردگي تي شاباش ڏني.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي: ڪارنهن تهمت مڙهي بيدردي سان قتل ڪيل ٻن ٻارن جي ماءُ گلان ڀارو جو ڪيس داخل
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: داؤد شورو ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ، روڊ۽ سيوريج جو نظام تباهه
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ اجلاس
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
مڪلي کان ٺٽو تائين غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور پوليس
ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ
0 تبصرے