English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ موبائيلن جي دڪان مان چوري
views
|
30th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
چور دڪان مان هڪ ڪروڙ، 11 لک 83 هزار 9 سو روپيا روڪ رقم کڻي ويا: متاثر
ملير (عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ سال جي ٻي وڏي واردات سامهون اچي وئي، شاهه لطيف ٽائون ۾ موبائيلن جي دڪان مان هڪ ڪروڙ، 11 لک 83 هزار 9 سو روپيا روڪ رقم چوري، شاهه لطيف ٿاڻي تي ڪيس داخل، واقعي جي جاچ ڪري رهيا آھيون پوليس تفصيل موجب ملير ۾ چورن ڦورن رڻ ٻاري ڏنو آهي ملير ۾ سال جي وڏي چوري سامهون آئي آهي، شاھ لطيف ٽائون ۾ موبائيل دڪان مان گذريل رات چور هڪ ڪروڙ 11 لک 83 هزار 9 سئو رپيا روڪ رقم چوري ڪري ويا، شاهه لطيف ٿاڻي تي ڪيس داخل، ايڏي وڏي واردات سبب پوليس جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن، ان سلسلي ۾ دڪان مالڪ اسد جو چوڻ هو ته منهنجي دڪان تي پئسا پيل هئا دڪان جا تالا ٽوڙي چوري ڪئي وئي آهي دڪان اندر لڳل سي سي ٽي وي ڪئميرائون خراب پيل آهن، هن مطالبو ڪيو ته چورن خلاف ڪارروائي ڪري سندس چوري ٿيل رقم واپس ڪرائي وڃي، پوليس جو چوڻ هو ته چوري واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون ايتري رقم دڪان ۾ پيل هئي ان جي مڪمل جاچ ڪئي پئي وڃي، ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ گلشن حديد سي جي بنگلي مان شوروم مالڪ جي گهران ڦورو گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي سونا زيور ۽ 95 لک روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
بانی پی ٹی آئی نے محمود اچکزئی کو قومی اسمبلی میں اپوزیشن لیڈر کیلئے نامزد کردیا
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
اورنگی ٹاؤن میں زوردار دھماکے سے سیاسی جماعت کا دفتر زمین بوس، 7 زخمی
20th Aug 2025
•
کھیل
مصری اسٹرائیکر محمد صلاح نے تیسری بار ’پلیئر آف دی ایئر‘ ایوارڈ جیت لیا
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو ۾ نوجوان ناري نياڻي کي جنم ڏيڻ بعد فوت، وارثن جو ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين پاران برساتي ايمرجنسي دوران هدايتون جاري
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ برسات جو ٻيو ڏينهن، زندگي مفلوج, سڪڻ ندي م فاٿل اٺن ڳوٺاڻن کي بچايو ويو
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پوليو جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
شاهه لطيف ٿاڻي
0 تبصرے