English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ به ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريليون ڪڍيون ويون
28 views
|
05th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول (گلشيرميربحر)ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن , ضلع انتظامه سجاول , بيورو سپلاءِ پرائسز، ايجوڪيشن, هوميو رائيٽس، ڊفينڊرز آف پاڪستان مومينٽ ڊسٽرڪٽ سجاول طرفان ڪشميري مظلوم ڀائرن سان اظهار يڪجهتي طور ريلي ڪڍي وئي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول سجاول کان پبلڪ پارڪ تائين ڪڍي وئي جنهن ۾ مختلف کاتن جي آفيسرن، اُستادن، شاگردن، سول سوسائٽي ۽ مختلف اين جي اوز جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ غيرقانوني قدمن جي مذمت بابت هٿن ۾ بينر ۽ پاڪستاني جھنڊا کڻي مودي سرڪار خلاف سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن اي ڊي سي ون حبيب الله وڳڻ , خليل احمد سميجو، ولي محمد ڀٽي، عبدالحميد کٽي، عبدالرشيد ميمڻ،طفيل ٽيمڙو، عبدالجبار شيخ، اسماعيل سرويچ، قادر ڀٽي، بابو پٺاڻ، جاني جوڳي، سليم ملاح محمد جمن ملاح۽ ٻين چيو ته ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستانين جو وڏو انگ ٻاهر نڪتو آهي، چئني صوبن ۾ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن، ڪشمير کي هر صورت ۾ آزادي ملندي. هنن چيو ته ڪشميرين تي ظلم جاري آهي، ڀارت خطي ۾ پنهنجي غير قانوني ڪاررواين ذريعي عالمي قانونن، ڪشميري عوام جي امنگن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي مڪمل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ڀارت چاهي ٿو ته والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي، پاڪستاني ڪشميرين سان گڏ هئا ۽ هميشه گڏ هوندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
12th Dec 2025
•
سندھ
بحریہ ٹاؤن کے قریب کار ٹریلر سے ٹکرا گئی، ایک ہی خاندان کے 3 افراد جاں بحق، 1 زخمی
12th Dec 2025
•
پاکستان
نادرا کی جانب سے پیدائش، موت، شادی اور طلاق کی آن لائن رجسٹریشن کے لیے ایپ متعارف
12th Dec 2025
•
سندھ
سندھ اسمبلی اجلاس: اسپیکر نے صوبائی ترجمان سمعتا افضال کو ڈانٹا
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو پاران پوليو مهم جو باقاعده آغاز
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ پوليو مهم بابت اجلاس
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ڄام واهه جي ڳوٺ عرس جاکرو واسي عورتن جو ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاول
0 تبصرے