English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پيپلز پارٽي آزاد صحافت جي حامي رھي آھي: علي ڏنو گاڏهي
views
|
19th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ اڳواڻ ڏوڪري پريس ڪلب جي ترقياتي ڪمن لاءِ 50 ھزار روپين جو چيڪ ڏنو
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) نوجوان وڪيل، سماجي اڳواڻ ۽ پ پ تعلقي ڏوڪري جي جنرل سردار علي ڏنو گاڏھي چيو آهي ته صحافت رياست جو چوٿون ٿنڀو آھي، ميڊيا جي ڪردار سبب ئي عوام جو آواز اقتدار جي اعلي ايوانن تائين پھچندو آھي، صحافين عوام جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو آھي. ڏوڪري پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي لاڙڪاڻو ضلعي ڪائونسل ميمبر سردار علي ڏنو گاڏھي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد صحافت جي حامي رھي آھي، شھيد ڀٽو کان شھيد بينظير ڀٽو تائين ۽ صدر آصف علي زرداي کان بلاول ڀٽو زرداري تائين پ پ قيادت ھميشه صحافين سان ھر موڙ تي گڏ رھي آھي. ھن چيو ته سنڌي ميڊيا سدائين سنڌ جي اھم اشوز کي ھاءِ لائيٽ ڪيو آھي، جنھن تي کين سلام پيش ڪريان ٿو. پ پ ضلعي ڪائونسل ميمبر سردار علي ڏنو گاڏھي طرفان ڏوڪري پريس ڪلب جي ترقياتي ڪمن لاءِ 50 ھزار روپين جو چيڪ صدر فدا حسين ابڙو، جنرل سيڪريٽري اطھر سنديلو ۽ سرپرست اعلي زبير زرار منگي حوالي ڪيو. ان موقعي تي پ پ ضلعي ڪائونسل ميمبر شمن خان جوڻيجو، پ پ اڳواڻ علي بخش ميتلو، حبيب الله عالماڻي، نثار احمد جتوئي، شھمير ميراڻي، اياز ابڙو، غلام قادر گاڏھي ۽ ٻيا موجود ھئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Jun 2025
•
سندھ
پیپلزپارٹی کلچر ونگ حیدرآباد کی جانب سے بینظیر بھٹو شہید کو سالگرہ پر خراج عقیدت
25th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسرائیلی حملے میں شہید قرار دیا گیا ایرانی قدس فورس کا سربراہ سامنے آ گیا، ویڈیو وائرل
25th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسرائیل کو آج تک وائٹ ہاؤس میں ٹرمپ سے بہتر کوئی دوست نہیں ملا: نیتن یاہو
25th Jun 2025
•
تازہ ترین
ایرانی پارلیمنٹ کی جانب سے آئی اے ای اے سے تعاون معطل کرنے کا بل منظور
25th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
همايون شريف ٿاڻي تي دانهن کڻي پهتل عورت سان ايس ايڇ او پاران مبينا زيادتي جي ڪوشش
25th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
خيرپور ۾ عورت جو مڙس تي غير فطري عمل جو الزام، عدالت ۾ پٽيشن داخل
25th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد ۾ پي ٽي آءِ جي عورت اڳواڻ پاران پارٽي اڳواڻن خلاف زيادتي جي ڪوشش جو ڪيس داخل
25th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
زيدي ھائوس عمرڪوٽ ۾ مير ھزار خان جي مان ۾ روحاني ۽ ثقافتي تقريب، مهمانن کي اجرڪ جا تحفا پيش
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
علي ڏنو گاڏهي
پيپلز پارٽي
0 تبصرے