English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جسقم پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف سکر کان نڪتل پيادل مارچ جي گهگهر ۽ گلشن حديد ۾ شاندار آجيان
43 views
|
20th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
قافلي ۾ شامل اڪثر اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا پير پٿون، پر سندن حوصلا ڏسڻ وٺان
ملير(عبدالرشيد مورجھريو)جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان سنڌو درياء مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ، سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ ۽ سنڌ جي وسلين جي ڦرلٽ خلاف سکر کان شروع ٿيل پيادل لانگ مارچ جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري اشرف ڀھليم، اسد سنڌ يار، فتح چنا، ڪرن نظاماڻي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 24 ھين ڏينهن گھگھر رستي ڪراچي جي حدن ۾ داخل ٿيو ته مختلف سياسي ڌرين جسقم ڪارڪنن ۽ علائقي جي رھواسين وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي قافلي جي شاندار آجيان ڪئي، ان موقعي تي پانڌيئڙن تي گلن جي ورکا ڪري اڳواڻن کي ھار ۽ عورتن کي اجرڪون پارايون، آجيان ڪندڙن ۾ بشيران زھراڻي، رشيد کوسو، وقار ڪوري، سانول زهراڻي، مڪيش ڪمار، عرفان زھراڻي، سميت جي يو آء جا ڪارڪن پڻ شامل ھئا، قافلي ۾ شامل پانڌيئڙن ۾ شامل اڪثر ڪارڪنن جا پير پٿون ٿيل ھئا، گھگھر ۾ آجيان کان پوء قافلو شام ڌاري گلشن حديد پھتو جتي وک وک تي قافلي جي آجيان ڪئي وئي، ان موقعي تي جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته، سنڌ بچائڻ نڪتا آھيون سڄي سنڌ کي اسان جو آواز ورنائڻ گھرجي، ڪئنال ٺھي ويا ته انساني آبادي ھڪ طرف پر سموري جيوت، زراعت، درياءَ، وڻ ٽڻ، تباھ ٿي ويندا، ھن چيو ته پنجاب هوڏ ڪري سنڌو درياءَ جو پاڻي چورائڻ لاءِ ڪئنال ٺاھي رھيو آھي، سنڌو اسان جو جياپو آھي، سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب لکين ايڪڙ زمين تباھ ٿي ويندي، ھن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جون زمينون ڦٻائڻ جو جو منصوبو آھي اسان سنڌو جا وارث آھيون، پنھنجا وسيلا بچائڻ لاءَ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهنداسين، ھن سنڌي ماڻھن کي سڏ ڏيندي چيو ته پٽڪي کي ور ڏيئي ميدان تي نڪري پئو، اسان کي سنڌين جي مرضي کانسواءِ ڪوبه فيصلو منظور ناھي، ھن ڪراچي ۾ رھندڙ سنڌين کي اپيل ڪئي ته 23 فيبروري تي سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جا وسيلا بچائڻ لاء ڪراچي پريس ڪلب پھچي اتحاد ۽ ٻڌي جو ثبوت ڏيو پيادل قافلو رات گلشن حديد ۾ رھي اڄ صبح جو اڳين منزل ڏانھن روانو ٿيندو،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
جيئي سنڌ قومي محاذ
جسقم
0 تبصرے