English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جيئي سنڌ قومي محاذ جو سکر مان نڪتل قافلو گلشن حديد کان ملير پهچي ويو
views
|
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
اسلم خيرپوري ۽ قافلي ۾ موجود ٻين اڳواڻن جي وک وک تي سياسي سماجي ڌرين ۽ ڳوٺاڻن پاران آجيان
ملير (رپورٽر) جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) طرفان سنڌو درياهه نوان ڪئنال ڪڍڻ، سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ ۽ سنڌ جي وسلين جي ڦرلٽ خلاف سکر کان ڪراچي پهتل قافلو جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري، اشرف بھليم، اسد سنڌ يار، فتح چنا، ڪرن نظاماڻي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گلشن حديد مان ملير پندرهن پهچي ويو، وک وک تي سياسي سماجي ڌرين ئ ڳوٺاڻن طرفان آجيان،اڄ قافلو ڪراچي پريس ڪلب پهچندو، سنڌ جي سڏ تي سکر کان قافلو وٺي ڪراچي پهتا آهيون 23 فيبروري تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو آواز بلند ڪنداسين اسلم خيرپوري تفصيل موجب جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) طرفان سنڌو درياهه نوان ڪئنال ڪڍڻ، سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ ۽ سنڌ جي وسلين جي ڦرلٽ خلاف سکر کان ڪراچي پهتل قافلو جمع ڏينهن جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري، اشرف بھليم، اسد سنڌ يار، فتح چنا، ڪرن نظاماڻي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گلشن حديد مان ملير پندرهن پهتو ان کان اڳ قافلو جي اسٽيل مل موڙ، نشتراباد،رزاق آباد ،ڀينس ڪالوني، قائد آباد ۽ ملير ڪورٽ وٽ وک وک تي جيئي سنڌ محاذ، ايس يو پي، جسقم، ملير بارايسو ايسوسي ايشن سميت مختلف سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن وهاب گبول، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي فيض هيسباڻي، بدر باغي، جونيئر روپلو، ڪلثوم، ڪائنات، الهي بخش بڪڪ، اشرف سمون ۽ ٻين آجيان ڪئي آجياڻن کي خطاب ڪندي جسقم جي چيئرمين اسلم خيرپوري چيو ته سنڌ جي سڏ تي سکر کان قافلو وٺي ڪراچي پهتا آهيون 23 فيبروري تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو آواز بلند ڪنداسين هن چيو ته سڄي سنڌ جي عوام کي اسان جو سڏ ورنائڻ گھرجي، ڪئنالن وارو منصوبو ڪالا باغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي، اگر ڪئنال ٺھي ويا ته انساني آبادي ته ھڪ طرف پر سموري جيوت، زراعت، درياهه، وڻ ٽڻ، تباھ ٿي ويندا، ھن چيو ته پنجاب هوڏ ڪري سنڌو درياهه جو پاڻي سنڌ ڏانهن اچڻ کان روڪي پنهنجي ڪتب آڻڻ لاءِ ڪئنال ٺاھي رھيو آھي، سنڌو اسان جو جياپو آھي، سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب کاروڇاڻ ۽ ڀرپاسي جي لکين ايڪڙ زمين اڳيئي ذراعت لائق نه رهي آهي جر کارو ٿي ويو آهي ڪئنال ٺهڻ کان پوءِ رهيل زمين به زمين به تباھ ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويندي، ھن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جون زمينون ڦٻائڻ جو منصوبو آھي اسان سنڌو جا وارث آھيون، پنھنجا وسيلا بچائڻ لاءَ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهنداسين، ھن سنڌي ماڻھن کي سڏ ڏيندي چيو ته پٽڪي کي ور ڏيئي ميدان تي نڪري پئو، اسان کي سنڌين جي مرضي کانسواءِ ڪوبه فيصلو منظور ناھي، ھن ڪراچي ۾ رھندڙ سنڌين کي اپيل ڪئي ته 23 فيبروري تي سنڌو درياهه ۽ سنڌ جا وسيلا بچائڻ لاء ڪراچي پريس ڪلب پھچي اتحاد ۽ ٻڌي جو ثبوت ڏيو پيادل قافلو رات ملير ۾ رھي اڄ صبح جو ڪراچي پريس ڪلب پهچندو جتي عام جلسو ڪيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Jun 2025
•
سندھ
پیپلزپارٹی کلچر ونگ حیدرآباد کی جانب سے بینظیر بھٹو شہید کو سالگرہ پر خراج عقیدت
25th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسرائیلی حملے میں شہید قرار دیا گیا ایرانی قدس فورس کا سربراہ سامنے آ گیا، ویڈیو وائرل
25th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسرائیل کو آج تک وائٹ ہاؤس میں ٹرمپ سے بہتر کوئی دوست نہیں ملا: نیتن یاہو
25th Jun 2025
•
تازہ ترین
ایرانی پارلیمنٹ کی جانب سے آئی اے ای اے سے تعاون معطل کرنے کا بل منظور
25th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
همايون شريف ٿاڻي تي دانهن کڻي پهتل عورت سان ايس ايڇ او پاران مبينا زيادتي جي ڪوشش
25th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
خيرپور ۾ عورت جو مڙس تي غير فطري عمل جو الزام، عدالت ۾ پٽيشن داخل
25th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد ۾ پي ٽي آءِ جي عورت اڳواڻ پاران پارٽي اڳواڻن خلاف زيادتي جي ڪوشش جو ڪيس داخل
25th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
زيدي ھائوس عمرڪوٽ ۾ مير ھزار خان جي مان ۾ روحاني ۽ ثقافتي تقريب، مهمانن کي اجرڪ جا تحفا پيش
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
جيئي سنڌ قومي محاذ
0 تبصرے