English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھروفيروز ۾ صوبائي محتسب اعليٰ جي ريجنل ڊائريڪٽر خالد شيخ پاران کلي ڪچهري
views
|
18th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ( ڊ ر ) صوبائي محستب اعليٰ جي ريجنل ڊائريڪٽر خالد شيخ اڄ صوبائي محتسب اعليٰ ۽ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي ھدايت ڊسٽرڪٽ اڪاؤنٽس آفيس نوشھروفيروز جي آفيس ۾ کلي ڪچھري جي صدارت ڪئي. ريجنل ڊائريڪٽر محتسب آفيس نوشھروفيروز کلي ڪچھري دوران سرڪاري ملازمن، ريٽائرڊ ملازمن ( پينشنرن) کان پگھار،پينشن ۽ بلن جي ادائيگي بابت شڪايتون ٻڌيون ۽ ان جي فوري حل لاءِ حڪم جاري ڪيا. کلي ڪچھري دوران اڄ 08 درخواستون مليون جن مان 03 شڪايون فوري طور تي حل ڪيون ويون جڏھن 05 شڪايتون فيملي پينشن جي عدم ادائيگي بابت مليون. ريجنل ڊائريڪٽر ناڻي کاتي جي ضلعي آفيسرن کي ھدايت ڪئي تہ فيملي پينشن جي ادائيگي لاءِ گھربل قانوني ڪاروائي مڪمل ڪري ادائيگي ڪئي وڃي ھن چيو تہ محتسب آفيس جي کلي ڪچھري منعقد ڪرڻ جو مقصد ملازمن کي سستو ۽ فوري انصاف فراھم ڪرڻ آھي. ان موقعي تي ايڊيشنل اڪائونٽس آفيسر محمد اشرف آرائين، اسسٽنٽ اڪائونٽس آفيسر علي شير، سينئر آڊيٽر عبدالغفار عباسي ۽ٻيا لاڳاپيل آفيسر موجود ھئا. ناڻي کاتي جي آفيسر محستب آفيس جي ريجنل ڊائريڪٽر کي آگاھي ڏيندي ٻڌايو تہ ناڻي کاتي پاران ملازمن جي پگھارن ۽ پيشن جا ادائيگي باقاعدگي سان جاري آھي جڏھن تہ فيملي پينشن جي ادائيگي لاءِ گھربل قانوني گھرجون پوريون ٿيڻ کان پوءِ ئي پيشن جاري ٿي سگھندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشھروفيروز
0 تبصرے