English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور: ڳڙهي تيغو ۽ ڪوٽ شاهو جي ڪچي ۾ پوليس جو رينجرز سان گڏ آپريشن جاري
views
|
27th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڌاڙيل ايوب تيغاڻي ڏوھن جي دنيا کي الوداع ڪندي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا: ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور پوليس ۽ سنڌ رينجرز پاران ڌاڙيلن جي خلاف جاري گڏيل ٽارگيٽڊ آپريشن جي اھم ڪاميابي، ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ جو چوڻ هو ته ڌاڙيل ايوب تيغاڻي ڏوھن جي دنيا کي الوداع ڪندي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا، ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ ۽ ونگ ڪمانڊر رينجرز جي اڳواڻيءَ ۾ ڳڙهي تيغو ء ڪوٽ شاھو جي ڪچي واري علائقي ۾ جاري آپريشن دوران، منظم ڌاڙيل گروپن جي ڌرتي تنگ ڪئي وئي آھي.ھٿيار ڦٽا ڪندڙ ڏوھاري ايوب تيغاڻي تي شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي 13 ڪيس داخل آھن پيش پيل ڏوھاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو، جن ۾ دهشتگردي، قتل، قتل جي ڪوشش ڪرڻ، ڀنگ لاءِ اغوا، ڦرلٽ ۽ چوري شامل آهي. ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ موجب ڏوھاري ڳڙهي تيغو شهر ۾ شهيد ٿيندڙ آر آر ايف (RRF) جي جوانن تي حملي جي سهولتڪاري ڪرڻ جي ڪيس ۾ به گهربل هو. ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ آپريشن ڪمانڊر ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ ڏوھارين کي واضح پيغام ڏنو آهي تہ ڏوهن جي دنيا کي ڇڏي پوليس آڏو هٿيار ڦٽا ڪن ۽ بهتر عزت واري زندگي گذارن،پيش پوندڙ ڏوھارين کي قانوني مدد پڻ فراهم ڪئي ويندي.ڪچي جي علائقي کي ڌاڙيلن کان پاڪ ڪرڻ جو آپريشن مڪمل ڪيو ويندو. شڪارپور پوليس ۽ سنڌ رينجرز جي جنگ آخري ڌاڙيل جي خاتمي تائين جاري رهندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
0 تبصرے