English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي سان مخالف ڌر جي وفد جي ملاقات، تڪراري منصوبن بابت غور ويچار
107 views
|
24th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
سڀني صوبن کي ڳنڍڻ جا ذريعا آئين، عدليه ۽ سنڌو درياھ آهي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد: مخالف ڌر جي وفد قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي رھائش گاھ قاسم آباد پھچي ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ، اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر، صاحبزاده حامد رضا، محمود خان اچڪزئي، سردار لطيف کوسو، ناصر شيرازي، ساجد ترين، حليم عادل شيخ ۽ ٻيا شامل هئا. اجلاس ۾ 26 هين آئيني ترميم، پي اي سي اي ايڪٽ ۽ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي معاملي تي بحث ڪيو ويو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سڀني صوبن کي ڳنڍڻ جا ذريعا آئين، عدليه ۽ سنڌو درياھ آهي. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ گورننس ۽ آئيني بالادستي جو بحران آهي. جيڪڏهن چولستان ۽ ٻيا ڪئنال ٺاهيا ويا تہ سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو. اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي صاحبزاده حامد رضا چيو تہ موجوده پارليامينٽ ۾ عوام جو مينڊيٽ شامل ناهي. عدليه کي 26 هين آئيني ترميم ۽ صحافت کي پيڪا ذريعي قتل ڪيو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ مسئلن جو حل پابنديون ۽ ٽڪراءَ نہ پر هڪ منصفانه، روادار ۽ جمهوري فيڊريشن آهي. سنڌ جي بقا ۽ مستقبل سنڌو درياءَ سان آهي. اصد قيصر ۽ صاحبزادي حامد رضا چيو تہ اسين سنڌ جي هارين سان گڏ آهيون، اسين ڪنهن کي بہ سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ جي اجازت نہ ڏينداسين. ملڪ ۾ ظلم آهي، چونڊون چوري ڪيون ويون. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن لاءِ ماڻهو، نوڪريون، زراعت ۽ پاڻي اهم نہ رهيا آهن. جيڪڏهن آئين کي نقصان پهتو تہ عوام کي نقصان پهچندو. سنڌ کي لينڊ مافيا ۽ قبضا گيرن جي پناهه گاهه ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. حڪومت اقتداري مفادن لاءِ عوامي حقن تان دستبردار ٿي چڪي آهي. اسد قيصر، سلمان اڪرم راجا چيو تہ اسين ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهي رهيا آهيون، اسين هر دروازي تي دستڪ ڏينداسين. اسان ٽئين امپائر ڏانهن نہ ڏسي رهيا آهيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي زمينن ۽ پاڻي تي قبضو بند ڪيو وڃي. ملڪ ۾ عوام جي نمائندگي ڪندڙ ڪا بہ اسيمبلي ناهي. مخالف ڌر جي اڳواڻن چيو تہ سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال ٺاهڻ ملڪ جي بقا جو معاملو آهي، اسان ان خلاف آواز اٿارينداسين. 6 نون ڪئنالن جي تعمير جي خلاف سنڌ جي موقف جي حمايت ڪريون ٿا. اياز لطيف پليجي ۽ اصد قيصر چيو تہ اسان پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني ۽ حقيقي جمهوريت چاهيون ٿا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجي
ayaz latif palijo
0 تبصرے