English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مڪلي تي بلڊنگ جي ڪم دوران ڇت ڪِري پئي، 3 پورهيت دٻجي ويا، هڪ فوت
views
|
18th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
سينئر سٽيزن سينٽر جي نئين ٺھندڙ بلڊنگ جي ھلندڙ ڪم دوران ڇت ڌماڪي سان ڪِري پئي
ٺٽو( شفيق ڀٽي) مڪلي تي سينئر سٽيزن سينٽر جي نئين ٺھندڙ بلڊنگ جي ھلندڙ ڪم دوران ڇت ڪري پئي 3 پورھيت ملبي ھيٺ دٻجي ويا ھڪ ڄڻو فوت ٻن کي بچايو ويو تفصيل موجب مڪلي جنگشاهي روڊ وٽ سوشل ويلفئير آفيس ڀرسان ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ سينئر سٽيزن عمر رسيدہ ماڻھن جي سار سنڀال لاء شيلٽر هوم جي اڏاوت هيٺ عمارت جي ڇت ۾ ٺيڪيدار پاران ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ سبب ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ ٽي مزدور ملبي هيٺ دٻجي ويا ٻن مزدورن کي ڳري مشينري ۽ مقامي ماڻهن جي مدد سان بچايو ويو جڏهن ته هڪ مزدور رستم ڳاھو فوت ٿي ويو. ھتان جي سياسي سماجي اڳواڻن ان واقعي تي سخت افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ سوال اھو پيو ٿئي ته جيڪڏهن سينئر سٽيزن شيلٽر هوم مڪمل ٿي چڪو هجي ها ته انھي بلڊنگ ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ سبب وڌيڪ جانيون ضايع ٿي سگهن پيون. ٻڌايو پيو وڃي ته ان شيلٽر هوم جو ٺيڪيدار پاڻ کي صوبائي وزير جو خاص ماڻهو سڏائي ٿو. ٺٽي جي عوام حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته انهيءَ ٺيڪيدار خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سندس ٺيڪو منسوخ ڪيو وڃي.سندس ڪمپني کي ھميشہ لا بليڪ لسٽ ڪيو وڃي ۽ انجنيئر، اسٽنٽ انجنيئر، سرويئر، داروغي سميت ذميوار آفيسرن تي پڻ ڪيس داخل ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
بانی پی ٹی آئی نے محمود اچکزئی کو قومی اسمبلی میں اپوزیشن لیڈر کیلئے نامزد کردیا
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
اورنگی ٹاؤن میں زوردار دھماکے سے سیاسی جماعت کا دفتر زمین بوس، 7 زخمی
20th Aug 2025
•
کھیل
مصری اسٹرائیکر محمد صلاح نے تیسری بار ’پلیئر آف دی ایئر‘ ایوارڈ جیت لیا
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو ۾ نوجوان ناري نياڻي کي جنم ڏيڻ بعد فوت، وارثن جو ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين پاران برساتي ايمرجنسي دوران هدايتون جاري
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ برسات جو ٻيو ڏينهن، زندگي مفلوج, سڪڻ ندي م فاٿل اٺن ڳوٺاڻن کي بچايو ويو
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پوليو جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
0 تبصرے