English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
بلوچستان مان واپسي تي حادثي ۾ فوت ٿيل 14 مان 13 ڄڻن جا لاش راڄو خاناڻي ويجهو ڳوٺ چوڌري بشير فوجي منتقل
193 views
|
22nd Apr 2025
•
سنڌي خبرون
راڄو خاناڻي: ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ 13ڄڻن جا لاش ايڌي ايمبولينسز ۾ اباڻي ڳوٺ منتقل ڪرايا
راڄوخاناڻي(رپورٽر) راڄوخاناڻي لڳ ڳوٺ چودھري بشير فوجي جي بدنصيب ڪولھي خاندانن سان بلوچستان مان مزدوري ڪري واپس موٽندي پيش آيل مزده حادثي جي 14 فوتين مان 13 فوتين جا مڙھ ايدھي ايمبولنس ذريعي ڪمشنر حيرآباد بلال احمد ميمڻ کڻائي ڳوٺ چودھري بشير فوجي پھتو جتي ڊي سي بدين ، ايس ايس پي بدين ، ڊي ايڇ او بدين ، ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر ۽ ايم پي اي مير الھ بخش ٽالپر سميت سوين ماڻھو ڳوٺ پھچي ويا، ھڪ ئي وقت 13 لاش ۽ وڏي تعداد ۾ زخمين جي ڳوٺ پھچڻ تي ڳوٺ توڙي ڀرپاسي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل رھيو جڏھن ته ڪيتريون ئي اکيون آليون ٿي ويون ، فوتين ۾ ھڪ ئي گھر جا 7 گھر ڀاتي پڻ فوت ٿي ويا جنھن سبب سندن مڪمل گھر ئي خالي ٿي ويو ، ڪمشنر حيدرآباد جو چوڻ هو ته چيو ته 4 زخمي ٻارڙا نازڪ حالت ۾ آھن جن کي ضرورت پوڻ تي خانگي اسپتال موڪليو ويندو، ھن سنڌ حڪومت پاران ھر فوتي لا۽ ھڪ ھڪ لک روپيه پڻ ڏيڻ جو اعلان ڪيو جڏھن ته ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر پاران ھر زخمي لا۽ 20 ھزار روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر پاران ھڪ لک روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو ،فوتين ۾ ڍالو ،آرشي ، آسن ، وني ، بچو ،سورج ، ڪاني ، ماروا ، جاڳني ، ديوي ، داني ، وجي ۽ مونيڪا شامل آھن جڏھن ته زخمين ۾ اشوڪ ، لڇمڻ ، آسن ، پريم ، منجي ، تلسي ، ھريش ، ٻالچند ، راجيش ، ميما ، چندري ، ڪرشن ، بشير ٽالپر ، نويد ، کيمچند ، امرجيت ، ٻاولو ، راڪيش ،راجيش ۽ ٻيا شامل آھن ۔ فوتين کي سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ڪولهي برادري جي پورهيتن سان ڀريل مزدا ڪلٽي ٿيڻ سبب فوت ٿيل 14 مان 11 جي سڃاڻپ فوتين ۾ 3ورهين جو وجئي پٽ آسن ڪولهي، سندس ڀاءُ 5 ورهين جو ڍالو ۽ ڀيڻ آرشي شامل، ٽن فوتين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي فوتين ۾ 30ورهين جي وني زال ڀانو، 35 ورهين جو بچو پٽ چانڊو مل، 35 ورهين جو سورج پٽ ڍالو مل ماروا زال راجيش، 28 ورهين جي جاگني زال ڀيمو، داني زال هريش، ڪاني زال آسن، ديوي زال بالچند شامل زخمين ۾ اشوڪ، لڇمڻ، آسن، تلسي، پريم، ڀمي، منجي، ھريش، ٻالچند، راجيش، ميما، چندري، بشير ٽالپر، نويد ٽالپر، ڪرشن، کيمچند، امرجيت شامل
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي: ڪارنهن تهمت مڙهي بيدردي سان قتل ڪيل ٻن ٻارن جي ماءُ گلان ڀارو جو ڪيس داخل
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: داؤد شورو ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ، روڊ۽ سيوريج جو نظام تباهه
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ اجلاس
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
مڪلي کان ٺٽو تائين غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
راڄوخاناڻي
بلوچستان
0 تبصرے