English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٽنڊو آدم ۾ سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي احتجاجي ريلي
views
|
15th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ (حسنين عاشق ساند) سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي احتجاجي ريلي۔ پريس ڪلب آڏو احتجاج نعريبازي رپوٽ موجب سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران ضلعي صدر زبير ماڪوڙاڻي، امجد اسلام، حاجي محمد علي ماڪوڙاڻي، اسامه، جاويد، عبالقيوم ۽ طارق ماڪوڙاڻي جي اڳواڻي ۾ محمدي چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ ماڻھن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي ڪئنالن خلاف نعرا لکيل هئا ۽ اهي ڪئنالن جي تعمير خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا. احتجاجي ريلي کي زبير ماڪوڙاڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي زندگي آهي، ان مان غير قانوني طريقي سان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ جي حقن تي ڌاڙو آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. اڳواڻن چيو ته پ پ جي صدر ڪئنالن جي منظوري ڏني ۽ هاڻي ڊرامي بازي ڪئي پئي وڃي عوام هاڻي سڀ سمجهي ويئي آهي پاڻي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجن جو طوفان اٿندو ۽ سمورا رستا بند ڪيا ويندا. هنن مطالبو ڪيو ته فوراً اهڙي منصوبي تان هٿ کنيو وڃي، نه ته سنڌ جو عوام پنهنجي درياهه، زراعت، معيشيت ۽ حقن لاءِ هر حد تائين ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سانگهڙ
قومي عوامي تحريڪ
سنڌو درياهه مان ڪئنال
ٽنڊو آدم
0 تبصرے