English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي روايتن جو امين: ڀلوڙ ليکڪ ماڻڪ ڪنگراڻي
144 views
|
30th Apr 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
گووي ماڻڪ
ھو روايتن جو امين ھو ڌرتي جو درد ۽ دوستن جو اُونو ھُن جو ڏاج ھو ٻاٽ اونداھ ھجي يا لڱِ ساڙيندڙ اُس ھجي دوست جي ھَڪل کان اڳ سندن اوٽ ۾ بيٺل ھوندو ھو ۽ اوستائين سک جو ساھ نھ کڻندو ھو جيستائين سندس دوست جي پريشاني ڪلھن تان لاھي ان کي ڪنھن کڏ ۾ ڦٽو نھ ڪري وٺي، شال نھ ڪو دوست عزيز بيمار ٿي پوي ۽ ڪراچي ۾ زيرِ علاج ھُجي ان وقت مون سائين کي ايترو ئي پريشان ڏٺو جيترو ان مريض جا عزيز پريشان ھوندا آھن ۽ سندن بھتر علاج جي لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪندو ھو.
سائين جو وڏو ڀاءُ شھيد نصرالله جنھن کي ڀاءُ نھ پر ھڪ دوست سمجھندو ھو ساڻس زندگي جو ھر ڏک سليندو ھو ۽ ھر خوشي پاڻ ۾ ورھائيندا ھئا. نصرالله جي شھادت جي خبر سائين تي وِڄ وانگر ڪري ۽ پنھنجي وجود کان پاڻ کي ڌار ٿيندي محسوس ڪيو ھئائين، شھيد ڀاءُ جي بي وقت وڇوڙي جو درد دوستن جو اُونو ۽ ڌرتي جو درد مُٺ جيڏي دل ڀلا ڪٿي ٿي برداشت ڪري سگھي، اھا تھ نيٺ ڦاٽڻي ھئي ۽ ٿيو بھ ايئن 2018ع ۾ 27 ڊسمبر جي شام بينظير ڀٽو جي ورسي جي رات سائين جي دل بي وفائي ڪري وئي ۽ دوستن آسرو لاھي اين آئي سي وي ڊي ڪراچي وٺي ويا، جتي ڊاڪٽرن جي وڏي ڪوشش کان پوءِ سڪڙجي ويل دل ۾ ساھ ڦوڪڻ ۾ ڪامياب ٿيا ۽ ٻيھر ڌڙڪڻ لڳي توڙي جو ان حادثي کان پوءِ سندس دل گھڻو بار کڻڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. ھُو جو روايتن جو امين ھو دوستن کي پنھنجو ڪُل اثاثو سمجھندو ۽ رشتن نڀائڻ وقت ٻرندڙ اڱارن تي اگھاڙي پيرن ھلڻ کان بھ نھ لنوائيندو ھو ۽ ڪاوڙ بھ اھڙي ھوندي ھئس ڄڻ ڪارو نانگ، ٽھڪن جو سودائي ھو ۽ مٽي جي آسودگي جا خواب ھر وقت اکين ۾ جرڪندا رھندا ھئا اھو ماڻھو ڪئين ٿو پنھنجا خفا مختصر ڪري سگھي اھو ماڻھو فقط دل جي ٽٽڻ سان ڪئين ٿو مٽي سان محبت ڇڏي سگھي جنھن کي سُتي ئي پيار پريت جي ڏنل ھجي. اڌ دل وارو ماڻھو پنھنجو ڏک دنيا اڳيان ڪڏھن بہ ظاھر نہ ڪيائين ۽ ھر وقت وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي دوستن ۾ خوشيون ورھائيندو ھو. ڪجھھ رشتا رت جي رشتن کان بھ گھرا ھوندا آھن، عزيز ھوندا آھن جنھن جو اندازو مون کي سائين (ماڻڪ ڪنگراڻيءَ) سان ملڻ کان پوءِ ٿيو، توڙي جو مان دنيا ۾ ھلڻ لاءِ پھرين وک امان جي چيچ جھلي سکيو آھيان پر دنياداري ۽ زماني سان ھلڻ مون سائين جي چيچ جھلي سکيو آھيان، بابا ۽ امان بھ ان ڳالھھ جو اعتراف ڪندا ھئا تھ ڄڻيو ڀلي اسان توکي آھي پر تون سائين ماڻڪ جو پٽ لڳين ٿو، جيترو پيار ۽ ڪيئر(سار سنڀال) ھُو توسان ڪري ٿو اوترو اسان توکي ڪانھ ڏئي سگھيا آھيون، ان ڪري ئي بابا سائين ماڻڪ کي چوندو ھو تھ گووي تنھنجو پٽ آھي ان کي تونکي سنڀالڻو آھي سائين اھا زميواري خوشي خوشي پنھنجي سر ورتي ۽ پندرنھن سالن کان ٽيھھ سالن تائين سائين جي ڇپر ڇانوَ ۾ رھيس ۽ آخري ڏينھن تائين مونکي سائين پندرنھن سال جو ٻار ئي سمجھي خيال رکندو رھيو. ڪڏھن ڪڏھن بغير ٻڌائڻ جي گھران نڪري ويندو ھئس تھ سموري گھر وارن کي شڪايتون ڪندو ھو تھ گووي ٻار آھي ڪراچي کي ڳوٺ سمجھي ٻاھر ھليو ٿو وڃي، مان پيءَ جيڏو سمجھايانس ٿو مڃي ئي نٿو جنھن کان پوءِ گھر وارن ۽ دوستن جي داٻن دڙڪن تي واپس گھر ايندو ھيس تڏھن وڃي سائين سک جو ساھ کڻندو ھو.
مون سدائين سائين جي جنم ڏينھن تي ٻھ اکر لکيا آھن پر اڄ ھن نڀاڳي گھڙي تي لکندي ڄڻ منھنجون آڱريون سُن ٿيو وڃن ۽ خيال منتشر ٿيو وڃن. مون وٽ سواءِ لڙڪن جي لفظ ساٿ ئي نٿا ڏين جو سائين جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪري سگھان ڇاڪاڻ تہ سائين سان منھنجو ڪو ھڪ رشتو نھ ھو سائين منھنجو پيءُ وانگر خيال رکندو ھو امڙ وانگي فڪر ھوندي ھئس ڀينرن جيترو پيار ڪندو ھو ۽ ڀائرن وانگي وڙھندو ھو ۽ دوستن وانگي حجت ڪندو ھو.
۽ دنيا چوي ٿي تھ تون ڇا وڃايو؟ دل چوي ٿي تھ:
مان پنھنجو وجود وڃايو،
حال ماضي ۽ مستقل وڃايو،
مان پنھنجو سڀڪجھھ تھ وڃايو،
سونھن، سڏ ۽ ساھ وڃايو،
سسئي تھ پنھون وڃايو،
مان پنھنجو ابو امان ڀيڻ ۽ ڀاءُ وڃايو،
پنھنجو دم دوست ۽ محبوب وڃايو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ماڻڪ ڪنگراڻي
گووي ماڻڪ
0 تبصرے