English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ قتل ٿيل نوجوان واپاري جو مڙهه جنازي نماز بعد مٽيءَ ماءُ حوالي، شهرين ۽ واپارين پاران شٽربند هڙتال ۽ ڌرڻو
169 views
|
30th May 2025
•
سنڌي خبرون
دڪاندارن، واپارين ۽ شهرين پاران شهر ۾ شٽربند هڙتال، ريلي ڪڍي ٿاڻي آڏو احتجاج ڪيو ويو
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ وڌندڙ بدامنيءَ خلاف شهري سراپا احتجاج بڻجي ويا، نوجوان واپاريءَ جي قتل خلاف شٽربند هڙتال، احتجاج ۽ ٿاڻي آڏو ڌرڻو، واپاري عدم تحفظ جو شڪار آهن. پوليس حفاظت ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام آهي. هاڻ خاموش ويهڻ جو وقت ناهي: احتجاج ڪندڙ نتفصيل موجب ڏوڪريءَ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ گذريل ڏينهن هٿيار بندن هٿان قتل ڪيل نوجوان واپاري اڪرم عرف سونل چنو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ چيمبر آف ڪامرس جي صدر ۽ ٽائون ڪميٽي چيئرمين عبدالحميد جيسر، پ پ اڳواڻ نياز حسين سوهو، مظهر گلال، جاويد ڪولاچي، ياسين ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ واپارين ۽ شھرين ڪاروبار بند رکي شٽربند هڙتال ڪئي ۽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڏوڪري ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو. ھڙتال سبب شھر جي مکيه بازار سميت شاھي بازار، ڀٽائي چوڪ، ٽلو بازار ۽ ريشم گلي ۾ ڪاروبار مڪمل طور تي بند رهيو. ٻئي طرف ڏوڪري ٿاڻي آڏو ڌرڻو هڻي ويٺلن کي خطاب ڪندي ڏوڪري ٽائون چيئرمين عبدالحميد جيسر، لياقت ميراڻي ، مظھر گلال، جاويد ڪولاچي ۽ ٻين چيو ته ڏوڪري شهر مسلسل بدامنيءَ جي ور چڙهي ويو آهي. چوري، ڦُر ۽ قتل روز جو معمول بڻجي ويا آهن ۽ اسان جي نوجوانن جو خون رلي رهيو آهي، پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي. هنن چيو ته اسان واپاري پوليس جي ناقص ڪارڪردگي ۽ وڌندڙ بدامني ڪارڻ عدم تحفظ جو شڪار آهيون، جڏهن ته پوليس عوام جي حفاظت ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. گذريل رات هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل نوجوان سونو خان چنو جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن،جنهن ڪارڻ ڏوڪريءَ جي شهرين ۾ ڳڻتي جي لهر آهي،جڏهن ته ايس ايس پي کان وٺي آءِ جي سنڌ تائين سڀ خاموش آهن. . احتجاج ڪندڙ ڏوڪريءَ جي شهرين ۽ واپارين وڏي وزير، گھرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ڏوڪري ۾ امن امان جي صورتحال کي ترجيحي بنيادن تي بهتر بڻايو وڃي ۽ قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري
0 تبصرے