ابراهيم حيدريءَ ۾ پاڻيءَ جي ٽانڪي صاف ڪندي زهريلي گئس سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 5 ڄڻا فوت

ابراهيم حيدريءَ ۾ پاڻيءَ جي ٽانڪي صاف ڪندي زهريلي گئس سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 5 ڄڻا فوت

ملير( رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي ابراهيم حيدريء نئي آبادي جي ليبرڪالوني ۾ پوليس اهلڪار جي گهر ۾ پاڻيءَ جي ٽانڪي صاف ڪرڻ دوران زهريلي گئس ڀرجي وڃڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت پنج ڄڻا ساھ ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا، واقعي سبب علائقي ۾ ڪھرام مچي ويو، فوت ٿيلن ۾ سڳا ڀائر ڪامران ولد لطيف ۽ شعبان ولد لطيف شامل آهن، جڏهن ته ٻين فوت ٿيلن ۾ سنيل مسيح، نويد ولد فقير محمد خان، ۽ اجو عرف شهزاد ولد رمضان شامل آهن علائقي واسين موجب نوجوان ٽانڪي جي صفائي لاءِ ان ۾ لٿا هئا، جتي مبينه طور زهريلي گئس سبب بيهوش ٿيندي هنن مدد لاءِ رڙيو ڪيون جنهن تي کين بچائڻ لاء اتي موجود ٽي ڄڻا ٽانڪيءَ ۾ لٿا تي اهي به بيهوش ٿي ويا جن کي امدادي رضاڪارن فوري طور اسپتال پهچايو جن کي اتان جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هنن دم ڌڻي حوالي ڪيو اطلاع موجب فوت ٿيل نويد اڳوڻي يوسي چيئرمين جاويد آفريدي جو ننڍو ڀاءُ هو، جيڪو ٻڏندڙن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ٻن لاشن کي وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي لاش اسپتال ۾ رکيل آهن هي اندوھناڪ واقعو صرف هڪ گهراڻي لاءِ نه پر سموري علائقي لاءِ وڏو نقصان آهي علائقي واسين جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ پاڻي جي فراهمي جو نظام انتهائي خراب آهي جيڪو نه صرف بيمارين پر اهڙن حادثن جو پڻ سبب بڻجي رهيو آهي