ملير ۾ سر ڪيڏاري تي علمي ليڪچر ۽ مشاعرو، ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سر ڪيڏاري کي ڪربلا جي فڪر ۽ قربانيءَ جو زنده مثال قرار

ملير ۾ سر ڪيڏاري تي علمي ليڪچر ۽ مشاعرو، ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عوامي پريس ڪلب ملير ۽ سنڌي ادبي سنگت ملير جي گڏيل سهڪار سان واقعي ڪربلا ۽ امامن جي عظيم شهادتن جي پس منظر ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مشهور سر ”ڪيڏارو“ تي هڪ علمي ليڪچر ۽ مشاعري جي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ٿي جنهن ۾ صحافين، اديبن، شاعرن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي صدارت سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي پريس ترجمان خالد راڄپر ڪئي، جڏهن ته سجاد علي شاهه، مجيب الرحمان بگٽي ۽ رجب علي ڀنڊ پڻ خطاب ڪيو. پروگرام جو خاص حصو شاهه لطيف جي سر ڪيڏاري جي فڪري، ادبي ۽ تاريخي پس منظر تي نامياري لطيف پارکو سيد غفور شاهه تقوي جو تفصيلي ۽ اثرائتو ليڪچر هو سيد غفور شاهه تقوي پنهنجي خطاب ۾ سر ڪيڏارو جا چونڊ بيتن جا حوالا ڏيندي چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو سر ڪيڏارو ڪربلا امام حسين عليه السلام ۽ سندن ساٿين جي لازوال قربانين جو هڪ زنده ادبي دستاويز آهي، جنهن ۾ درد، صبر، استقامت، حق ۽ باطل جي وچ ۾ جدوجهد کي انتهائي خوبصورت ۽ علامتي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سر ڪيڏاري جا بيت پڙهندي ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ پڙهندڙ پاڻ ڪربلا جي ميدان ۾ موجود هجي ۽ حق جي فتح ۽ ظلم جي شڪست جو منظر پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو هجي ليڪچر دوران شرڪت ڪندڙن مختلف سوال پڻ ڪيا، جن جا سيد غفور شاهه تقوي تفصيلي ۽ مدلل جواب ڏنا. تقريب ۾ شهيد ڪربلا کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هڪ مشاعرو پڻ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاعرن پنهنجي شاعري ذريعي امام حسين عليه السلام ۽ شهيدن جي عظيم قربانين کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو مشاعري ۾ اقبال شاهين، منظر راڄپر، اصغر باغي، خالد راڄپر، مجيب سنڌي، مظهر ورياڻي، عبدالغفار عبد، ديدار ديوانو گاڏهي، اصغر مهرائي، جبار غريب، سيد غفور شاهه تقوي، عاصم عبدالمجيد ابڙو، امداد لاشاري، شبير لاکو ۽ عبدالخالق ڀٽي سميت ٻين شاعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو. شاعرن جي شاعري دوران تقريب جو ماحول عقيدت، احترام ۽ جذبات سان ڀرپور بڻيل رهيو تقريب ۾ سيد خدا ڏنو شاه، قمبر ٻُٽ، سيد شبير احمد شاھ، عرفان علي عباسي، اسد ﷲ ميمڻ، عبدالرسول بلالي، غلام نبي مگسي،علي مسٿوئي، اياز هڪڙو، بخشيل سيال، بشير احمد ابڙو، وهاب گبول سميت سياسي، سماجي ۽ ادبي اڳواڻن شرڪت ڪئي