ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سماجي تنظيم منهنجا مارو ملير جا جي جنرل باڊي جو اجلاس، 4 مهينن جي ڪارگردگي رپورٽ پيش، ميمبرن طرفان مڪمل اعتماد ۽ اطمنان جو اظهار، ملير جي مختلف علائقن ۾ سماجي سرگرمين جو رجهان گهٽجي ويو آهي چاهيون ٿا ته احساس محرومي جو شڪار ٿيل ماڻهن کي مضبوط پليٽ فارم فراهم ڪريون ته جيئن هو سندن آواز کي ڀرپور نموني بلند ڪري سگهن، عرفان عباسي ، شبير احمد شاھ،بخشيل سيال ۽ ٻين جو خطاب تفصيل موجب : ملير جي سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتن جي تنظيم منهنجا مارو ملير جا پاران ايم ڊي اي ۾ قائم خانگي فارم هائوس تي جنرل باڊي اجلاس ۽ ميمبرن لاءِ عيد ملن پارٽي جي پروقار تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ تنظيم جي ميمبرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي اجلاس ۾ تنظيم جي چئن مهينن جي ڪارگردگي رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن تي موجود ميمبرن يڪراءِ سان اعتماد ۽ اطمنان جو اظهار ڪيو صدر عرفان علي عباسي، جنرل سيڪريٽري سيد شبير احمد شاھ ،نائب صدر بخشيل سيال ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته منهنجا مارو ملير جا ٿوري ئي عرصي ۾ ڪافي ڪاميابيون حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ کوڙ ساريون سرگرميون ڪيون آهن جن سان مستحق ماڻهن کي سهارو مليو آهي هنن چيو ته گهٽ وسيلا هئڻ باوجود ٻارڙن کي اسڪولن ۾ اسڪالرشپ وٺرائي ڏني وئي آهي جن جو سمورو خرچ تنظيم برداشت ڪري رهي آهي ان سان گڏوگڏ علائقي مسئلن تي پڻ ڀرپور آواز بلند ڪيو آهي ان جو ئي نتيجو آهي ته اڄ هر ماڻهو منهنجا مارو ملير جا جي نالي سان واقف ٿي رهيو آهي هنن چيو ته ملير ۾ صدين کان آباد ڳوٺن جا رهواسي هن جديد دور ۾ به بجلي ،پاڻي ۽ روڊ جي سهولت کان محروم آهن اهڙا ميڙاڪا ڪرڻ جو خاص مقصد ئي اِهو آهي ته ماروئڙن جا مسئلا اجاگر ڪري چونڊيل اڳواڻن ۽ ايوانن تائين پهچايون جيستائين اسان پنهنجي حقن لاءِ آواز بلند نہ ڪنداسين تيستائين تبديلي نه ايندي ان موقعي تي مشاعري ۽ محفل موسيقيءَ ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ جي نامور مزاحمتي شاعر زاهد شيخ، مبين شيخ، شبير بگٽي، اصغر باغي،خليل چانڊيو، شبير لاکو ، عبدالغفار عبد، احمد علي چانڊيو ۽ ٻين شاعري پڙهي ۽ گيت ڳائي واھ واھ ڪرائي ڇڏي تقريب ۾ سجاد علي شيخ، عبدالرسول بلالي، عبدالستار مهر، قاضي منير، منظور لولائي، اٽارني جنرل ملير رياض رسول ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا.
0 تبصرے