English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ابراهيم حيدري ۾ ٻار پڙهايو سنڌ سنواريو جي عنوان هيٺ جاڳرتا ريلي
views
|
26th May 2025
•
سنڌي خبرون
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري ۾ شاگردن پاران پرائمري اسڪولن ۾ داخلا لاءِ جاڳرتا ريلي،"ٻار پڙهايو سنڌ سنواريو " جي زبردست نعريبازي، ٻارڙن کي بنيادي تعليم ڏياري کين جبري پورهيئي کان بچايو وڃي،ھيڊ ماستر برڪت ميراڻي ۽ ٻياتفصيل موجب: ابراهيم حيدري گورنمينٽ بوائز مورڙو ميربحر سنڌي ميڊيئم سيڪنڊري اسڪول جي شاگردن طرفان پرائمري اسڪولن ۾ داخلا مهم بابت تعليمي جاگرتا ريلي ڪڍي وئي جاڳرتا ريلي ۾ اسڪول ھيڊ ماستر برڪت علي ميراڻي، ايوب شان خاصخيلي، بلال خاصخيلي، شائسته ڄاموٽ، عبدالواحد خاصخيلي، شابي يونس سميت سوين شاگردن هٿن ۾ پلي ڪارڊ، بينر کڻي ريلي ڪڍي وئي ۽ "پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ" جي زبردست نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اسڪول ھيڊ ماستر برڪت علي ميراڻي، شائسته ڄاموٽ، ايوب شان خاصخيلي، عبدالواحد خاصخيلي، بلال خاصخيلي ۽ ٻين اڳواڻن جاڳرتا ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته نوجوان ٻارڙن کي پرائمري جي بنيادي تعليم ڏياري وڌ ۾ وڌ داخلا ڏياري وڃي ته جيئن گلن جهڙا ٻارڙا بنيادي تعليم پرائي پنهنجو مستقبل سنواري سگهن، ڇو ته تعليم انسان جي ٽئين اک آهي، هنن وڌيڪ چيو ته والدين پنهنجي ٻارڙن کي تعليم جهڙي زيور کان محروم نه رکن ۽ پنهنجي ٻارڙن کي اونداهي کان بچائي تعليم جي روشني ڏيارڻ لاء کين اسڪولن ۾ داخل ڪرائن، گلن جهڙن معصوم ٻارڙن کي جبري پورهيئي کان بچايو وڃي، تعليم سندن جو بنيادي حق پڻ آهي،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
0 تبصرے