English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور: ڊي ايڇ او آفيس ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر اِي پي آئي جي هدايت تي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي
28 views
|
13th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
عورتن ۾ رحم جي ڪينسر ۽ ٻين زناني بيمارين جون ڪارڻ ايڇ پي وي آهي: گڏجاڻي کي بريفنگ
شڪارپور ( احسان ابڙو ) ڊي ايڇ او آفيس شڪارپور ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر اِي پي آئي جي هدايت تي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي 15 سيپٽمبر کان 30 سيپٽمبر 2025 ۾ ٿيندڙ ايڇ پي وي واري حفاظتي ٽڪن جي بچاءُ واري مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويندا. ڊي ايڇ او شڪارپور،تفصيل موجب اڄ ڊي ايڇ او آفيس شڪارپور ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر راجڪمار جي هدايت تي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. جنهن جي صدارت ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر شڪارپور نادر علي پنهور ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ ضلعي جي سڀني اسپتالن جا ميڊيڪل سپرينڊنٽس، سينيئر ميڊيڪل آفيسرس، ڊبليو ايڇ او جي نمائندن، چيف گائناڪالاجسٽ، پوليس ڊپارٽمينٽ، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، پاپوليشن ڊپارٽمينٽ، تعليم کاتو ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي بريفنگ ڏيندي ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن اِي پي آئي ڊاڪٽر اصغر مهر چيو ته عورتن ۾ رحم جي ڪينسر ۽ ٻين زناني بيمارين جون ڪارڻ ايڇ پي وي آهي ۽ گلوبي عورتن ۾ رحم جي ڪينسر جي حوالي سان ڪينسر ۾ 70 فيصد ڪارڻ ايڇ پي وي کي ظاهر ڪيو ويو آهي. ڊبليو ايڇ او مطابق هڪ لک جي آباديءَ تي 4 ڪيسز جو هجڻ کپي پر هڪ سروي مطابق اهو انگ 7 کان 8 تائين پهچي چڪو آهي. ان سلسلي ۾ حڪومت سنڌ هيلٿ ڊپارٽمينٽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر راجڪمار جي هدايت تي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي آهي ۽ وڏي پئماني تي حفاظتي ٽڪن جي بچاءُ جي مهم ٽڪن جي صورت ۾ 15 سيپٽمبر کان 30 سيپٽمبر 2025 ۾ ٿيڻ متوقع ڪيو.ان موقعي تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر نادر علي پنهو چيو ته هي ويڪسين زناني بيمارين کان بچاءُ جي آهي. جيڪا ويڪسين 9 سالن کان 14 جي ڇوڪرين جي لاءِ آهي. هن چيو ته هن مهم لاءِ اسان اڳ ئي تياري ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي. انڪري جو اسان ان مهم لاءِ فيميل ڊاڪٽرس ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي ٽرينگ مهيا ڪنداسين، هن کي محلن جي گهرن، ڳوٺن ۾، اسڪولن، ڪاليجن، ۽ اسپتالن ۾ هن مهم کي ڪامياب ڪنداسين. هن چيو ته ان ويڪسين لاءِ اسان ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ کي، اين جي اوز ۽ ٻين ادارن کي ليٽر جاري ڪنداسين تاڪه اهي پنهنجي اسڪولن ڪاليجن ۾ انهن ڇوڪرين کي بريف ڪري مطمئن ڪن ۽ هن چيو ته هيءَ ويڪسين ڪينسر جي بچاءُ جي آهي، ويڪسين نه ڪرائڻ جي صورت ۾ ڪينسر جون مختلف بيماريون جنهن ۾ چيسٽ جي ڪينسر، رحم جي ڪينسر، گلي جي ڪينسر جون بيماريون ٿي سگهن ٿيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
12th Dec 2025
•
سندھ
بحریہ ٹاؤن کے قریب کار ٹریلر سے ٹکرا گئی، ایک ہی خاندان کے 3 افراد جاں بحق، 1 زخمی
12th Dec 2025
•
پاکستان
نادرا کی جانب سے پیدائش، موت، شادی اور طلاق کی آن لائن رجسٹریشن کے لیے ایپ متعارف
12th Dec 2025
•
سندھ
سندھ اسمبلی اجلاس: اسپیکر نے صوبائی ترجمان سمعتا افضال کو ڈانٹا
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو پاران پوليو مهم جو باقاعده آغاز
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ پوليو مهم بابت اجلاس
12th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ڄام واهه جي ڳوٺ عرس جاکرو واسي عورتن جو ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گڏجاڻي کي بريفنگ
رحم جي ڪينسر
شڪارپور
0 تبصرے