سنڌ جي ملازمن سان وڏو ظلم ڪيو پيو وڃي. جيڪو انتهائي خطرناڪ موڙ تي رسي چڪو آهي. جو سنڌ جا ملازم ٻين صوبن جي ملازمن کان پاڻ کي جهڙوڪر اڇوت سمجھن پيا. ۽ انهن جي دماغن ۾ بجيٽ تيار ڪندڙن، انهن جي صلاحڪارن ۽ پيش ڪندڙن لاءِ هڪ قسم جو ڀوائتو خوف پيدا ٿي چڪو آهي. جنهن جا نتيجا ڪهڙا به نڪري سگھن ٿا. انهن نتيجن جو مثبت هئڻ ۽ منفي هئڻ وقت تي منحصر ڪري ٿو، ته هو ڪهڙا ٿا نڪرن.
سنڌ بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن کي 12 سيڪڙو مهانگائي الائونس ڏئي ملازمن سان هڪ اهڙي مشڪري ڪئي ويئي آهي. جو ان کان ته بهتر هو ته ڪو به اضافو نه ڪيو وڃي ها. پيڙهيل ملازم هڪ پيڙا جو هڪ ڏاڪو وڌيڪ کڻي چڙهن ها. ڇا ٿئي ها. وقت آهي سو گذري ويندو. ڪنهن جي ڪري نه اڳ بيٺو آهي. نه ئي آئيندي ڪنهن جو انتظار ڪندو. هو پنهنجي رفتار سان برابر هلندو رهندو. ان وانگر سنڌ جو سرڪار ملازم به پنهنجي رفتار سان زندگي گذاريندو رهندو. پوءِ کڻي سکيو نه ئي سهي. ڏکيو ئي سهي. پر ويندو پنهنجو وقت وڄائي.
جيڪا سنڌ حڪومت بجيٽ کان اڳ وفاق کي 50 سيڪڙو سرڪار ملازمن جو پگھارون وڌائڻ جون سفارشون ڪري رهي هئي. سا ئي حڪومت وفاق جي طرفان اعلانيل 10 سيڪڙو اضافو واڌو 30 سيڪڙو ڊسپرٽي الائونس جو ٻڌي، ماڳهين پنهنجا هوش خطا ڪري، سنڌ جي ملازمن کي 40 سيڪڙو اضافي بدران فقط 12 سيڪڙو اضافو ڏيڻ تائين پاڻ کي محدود ڪري ڇڏيو. ڪابه سوچ نه ڪيائين ته سنڌ جا ملازم پنهنجي زندگيءَ جون پورتون ڪيئن ڪندي؟ ڪيئن هو دنيا ۾ اٿندا ويهندا؟ ڪيئن نشت و برخواست کي منهن ڏيندا؟ ڪيئن پنهنجي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ معائنو ۽ علاج ڪرائي سگھندو؟ ڪڏهن سنڌ سرڪار پنهنجي ملازمن جي خوشين لاءِ سوچيوئي ڪونھي، ته هو به انهن جهڙا انسان آهن. انهن جون به خواهشون ۽ ضرورتون آهن. انهن جو خيال رکڻ گھرجي. پر نه انهن ته ڊسپرٽي الائونس ڏيڻ کان نابري واري ڇڏي آهي. جنهن جا نتيجا سرڪاري ڪمن ۾ ڪوتاهين ۽ ڪرپشن جي صورت ۾ نروار ٿيندا. شايد سرڪار چاهي به اهوئي ٿي، ته سرڪاري ملازم پنهنجيون پورتون ڪرڻ لاءِ غلط طريقا استعمال ڪن. ۽ سرڪاري ڪمن ۾ سستيءَ کان ڪم وٺن، ته جيئن انهن لاءِ ڪرپشن جا در کُلن. ته جيئن ڪرپشن جي سطح اڃان به ٻه فٽ بلند ٿئي.
ايڏي نا انصافي ۽ اڻ برابريءَ جو مثال اسان کي ٻئي ڪنهن هنڌ تي ڏسڻ ۾ نه ملندو. ڇاڪاڻ ته هڪئي ملڪ ۾ رهندي پنجاب جي ملازمن جو پگھار الڳ، خيبر پختونخواه جي پگھار الڳ، بلوچستان جي ملازمن جو پگھار الڳ، ته وفاقي ملازمن جو پگھار مختلف رهيو آهي. ايتروئي نه پر ساڳئي ملڪ جي ساڳئي سطح جي نجي ادارن جي ملازمن جي پگھار ۾ زمين آسمان جو تفاوت ڏسڻ ۾ اچي ٿو. توهان وري تيل ۽ گيس ڪمپنيءَ جي ملازم جي پگھار ڏسو ۽ وري ٻين کاتن جي ساڳئي پوسٽ تي مقرر (هڪئي گريڊ واري) ملازم کي ڏسندﺆ ته تمام وڏو فرق ڏسڻ ۾ ايندو. جيڪو نه رڳو ملازمن ۾ اونچ نيچ وارو تصور پيدا ڪري ٿو. پر انهن جي حيثيت کي پڻ نمايان گھٽ وڌ ڪري ٿو. جنهن سان گھٽ پگھار کڻندڙ ملازم احساس محروميءَ ۾ رهندي، نفسياتي مريض ٿيو وڃي. جنهن عمل جي سڄي ذميوار رياست آهي. ان جا ئي اهي ابتا سبتا اصول ۽ قانون جوڙيل آهن. جن جي ڪري ملازم نرم ڪرسيءَ تي فائظ آهن ته ڪي وري ڪاٺ جي ڪرسيءَ تي ويٺل آهن. اها هڪڙي ئي سطح جي ملازمن ۾ اڻ برابري ملڪ جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ سان گڏوگڏ ملازمن جي ذهن ۾ هڪٻئي کي پاڻ کان گھٽ وڌ سمجھڻ جو نظريو پيدا ڪري ٿو. جيڪو مستقبل ۾ وڏي حادثي جو سبب بڻجي نقصان ڪار ثابت ٿئي ٿو.
اسان جي حڪمرانن کي خاص ڪري سنڌ جي صوبائي حاڪمن کي پنهنجي ملازمن جي خوشين کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجو جوڳو ڪردار ادا ڪري. پنهنجي ملازمن کي انهن جو حق پورو پورو ادا ڪري. جهڙيءَ ريت وفاق، پنجاب ۽ ٻيا صوبا پنهنجي ملازمن لاءِ پنهنجا وسيلا نه هوندي به پاڻ پتوڙي انهن لاءِ فند حاصل ڪن ٿا. ته اسان جي سنڌ جو ملازم ڇو مايوس ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته ملڪ جي ڪل روينيو مان سنڌ 70 سيڪڙو کان مٿي ڏيئي رهي آهي. ان کان سواءِ کربين رپيا نيشنل هاءِ وي اٿارٽي اوڳاڙي ٿي. ته ٿر جي ڪوئلي مان ٺهندڙ بجلي پڻ سنڌ کان سواءِ ٻيا صوبا واپرائي رهيا آهن. ان کان سواءِ سنڌ جي هر معدنيات جيڪا سموري ملڪ کان سوائي آهي. سا به وفاق پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکيو ويٺو آهي. جنهن مان سنڌ کي ته ڪو لاڀ ڪونھي. ته به سنڌ جا ماڻھو پنهنجي وسيلن هوندي به بي واهر ۽ بي وسيلا آهن ئي. پر سنڌ جا ملازم به انهن ماڻھن وانگر ئي بي برجھلا ڪيا ويا آهن. لڳي ائين پيو ڄڻ اسين ملازم ملڪ جا آهيون ئي ڪونه. اسان کي اروڙيءَ تان کڻي آڻي اسان کي روزگار ڏئي وڏو ٿورو ڪيو ويو آهي.
سنڌ سرڪار کي گھرجي ته سنڌ جي ملازمن مان مايوسي ۽ احساس محروميءَ مان ڪڍي، انهن کي به اهي ئي مراعاتون ڏئي، جيڪي وفاقي ملازمن ۽ ٻين صوبن جي ملازمن کي ملي رهيون آهن. سنڌ سرڪار تي ملازمن جو پورو پورو حق آهي، ته هو انهن کي هر سهولت جن ۾ صحت، رهائش، ڪنوينس، يوٽيلٽي بلن جي ادائگيءَ سان گڏ باقي ٻين کاتن جيان مراعتون بنا دير جي مهيا ڪري.
جيڪڏهن ملازم مالي طور مضبوط هوندو ته هو سرڪاري سونپيل ڪم خوش اصلوبيءَ سان ادا ڪري سگھندو. جنهن جي ڪري سرڪاري ڪمن جي رفتار وڌندي ۽ ترقيءَ ڏانهن قدم کڄندا رهندا. جي نه ته اڳ جيان هر سرڪار ڪم ڪرپشن جي ور چڙهي ويندو. جنهن سان فقط ڪاڳرن جا پيٽ ڀربا باقي ڪوبه ترقياتي ڪم ڏسڻ ۾ نه ايندو. جنهن جي ذميوار پاڻ ئي هوندي.
0 تبصرے