سجاول(گلشيرميربحر .)يوٿ پارليامينٽ سنڌ پاران يوم تڪبير جي مناسبت سان هڪ شاندار ۽ پروقار سيمينارمنقعد ڪيو ويو. ان تقريب جو مھمان خاص ايم اين اي سيد
اياز علي شاھ شيرازي هو. پروگرام جو احتمام نيشنل يوٿ پارليامينٽ سنڌ جي صدر عابد علي زرون .جنيد. عاشق علي راھمون. عمران لوهار. عبدالصمد ترڪ. ذولفقار کٽي. ۽ شعيب راهمون جن انتظام جون ذميواريون ۽ پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تقريب ۾ يوم تڪبير جي تاريخي اهميت تي روشني وجهندي پاڪستاني فوج ۽ محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. مقررین چيو ته پاڪستان جو دفاع ناقابل تخسير بڻائڻ ۾ جتي عبدالقدير خان جو ڪردار سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو اتي پاڪستاني فوج به پنهنجين جانين جي قرباني ڏيئي وطن عزيز جي حفاظت جو حق ادا ڪيو. انھن پنھنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستاني فوج صرف سرحدن جي محافظ نه آهي پر پاڪستان جي سلامتي. استحڪام. ۽ عالمي سطح تي وقار جي ضامن آهي. نوجوان نسل جو حوصلو. جوش .جذبو ۽ حب الوطني ۽ ترقي جي ضمانت آهي. پروگرام جي پڄاڻي تي بهترين تقرير ڪرڻ وارن نوجوانن کي ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي پاران بيسٽ پرفارمنس ايوارڊ تعريفيسندون ڏنيون ويون. ۽ وطن عزيز پاڪستان ۽ پاڪستاني فوج جي ڪاميابي. سلامتي ۽ ترقي لاء خصوصي دعائون گهريون ويون. نيشنل يوٿ پارليامينٽ سنڌ جي هن ڪامياب ۽ يادگار پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙن طرفان تمام گهڻي واکاڻ ڪئي وئي. ۽ نوجوانن عھد ڪيو ته پاڪستاني فوج سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ملڪ جي دفاع ۽ خوشحالي لاء هميشه تيار رهنداسين.
0 تبصرے