اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

الڪاظم فائونڊيشن طرفان ٺٽي جي عارب ڳوٺ جي متاثرين ۾ راشن ورھايو ويو

سنڌي خبرون 17th Aug 2026 68 مناظر
الڪاظم فائونڊيشن طرفان ٺٽي جي عارب ڳوٺ جي متاثرين ۾ راشن ورھايو ويو

الڪاظم فائونڊيشن جي چيئرپرسن حنا شاھ، ساجده محمود، عمران جوکيو، حاجن سولنگي ۽ ٻيا به موجود هئا

ڪراچي (رپورٽر)الڪاظم فائونڊيشن ڪراچي (رجسٽرڊ) جي طرفان سماجي خدمت جي سلسلي ۾ ٺٽي جي عارب سولنگي ڳوٺ جي متاثرين ۾ راشن تقسيم ڪيو ويو.واضح رهي ته عارب سولنگي ڳوٺ کي لينڊ مافيا طرفان ڊاهي پٽ ڪيو ويو هو، جنهن کي هاڻي علي حسن زرداري جي حڪمن تي ٻيهر تعمير ڪيو پيو وڃي. پر هن وقت 60 کان وڌيڪ خاندان خيمن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن.علائقي جي سماجي شخصيتن جي درخواست تي الڪاظم فائونڊيشن طرفان يڪجهتي جي اظهار طور متاثر خاندانن ۾ راشن ۽ ڪپڙا تقسيم ڪيا ويا. هن موقعي تي الڪاظم فائونڊيشن جي باني چيئرپرسن حنا شاھ، ساجده محمود، عمران جوکيو، حاجن سولنگي ۽ ٻيا به موجود هئا.الڪاظم فائونڊيشن جي طرفان گورنمينٽ اسڪول عارب سولنگي ۾ يوم آزادي جي حوالي سان هڪ پروگرام پڻ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ قومي ترانو پڙهڻ سان گڏ ٻارن لاءِ فيس پينٽنگ ۽ تحفا تحائف جو به انتظام ڪيو ويو هو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ