سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي، سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن جي مذمت
دستوري گڏجاڻي غوث پيرزادو جي صدارت هيٺ ٿي، شاعرن پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي ناليواري شاعر ۽ ليکڪ غوث پيرزادو جي صدارت هيٺ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ٿي گذري جنهن ۾ شاعرن پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪئي اجلاس ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي ۽ انتظامي يونٽس خلاف قرار داد پيش ڪئي وئي جيڪا يڪراءِ منظور ٿي گڏجاڻي ۾ سيد غفور شاھ تقوي، غوث پيرزادو، مجيب سنڌي ۽ ٻين چيو ته شاعري ۾ قومي جذبي سان سرشار نوان خيال پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ جدت به هجي ۽ پيغام به هجي هنن چيو ته نئين ٽهي جا شاعر پنهنجي شاعري ۾ مزاحمتي خيال لکي قومي سجاڳيءَ جو سڏ ڏئي رهيا آهن هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ورهاڱي ۽ انتظامي يونٽس بابت ٿيندڙ هر قسم جي ڳالهه، تجويز ۽ پروپيگنڊا جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا سنڌ تاريخي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي لحاظ کان هڪ گڏيل وطن آهي، جنهن جي وحدت، سڃاڻپ ۽ سالميت جو احترام ڪرڻ هر ذميوار شهري جو قومي ۽ اخلاقي فرض آهي اجلاس ۾ شاعر عاصم عبدالمجيد ابڙو کي شاخ ۾ متفقه طور تي ميمبر شپ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته عوامي پريس ڪلب ملير ۽ شاخ ملير طرفان 7 آگسٽ تي سيد سلطان شاهه ساقي جي ورسي تقريب ۽ مشاعرو منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو گڏجاڻي ۾ سيد غفور شاھ تقوي، مجيب سنڌي، قمبر ٻٽ، سڪندر سرواڻ، اصغر مهرائي، مختيار مگسي، گلاب راءِ پنگرائي، عاصم عبدالمجيد ابڙو ۽ ڌڻي بخش قادري پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو.