اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

صوبائي وزير شاھينه شير علي ۽ ايم پي اي ندا کھڙو زيادتي جو شڪار ٿيل پوليو ورڪر جي گهر پهچي 50 لک جو چيڪ ڏنو

سنڌي خبرون 16th Oct 2024 368 مناظر
صوبائي وزير شاھينه شير علي ۽ ايم پي اي ندا کھڙو زيادتي جو شڪار ٿيل پوليو ورڪر جي گهر پهچي 50 لک جو چيڪ ڏنو

جيڪب آباد پهچي متاثر ليڊي پوليو ورڪر سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ کيس چيڪ ڏنو آهي: ايم پي اي ندا کھڙو

جيڪب آباد(رپورٽر) ڀلائي کاتي واري صوبائي وزير شاهينه شير علي ايم پي اي ندا کھڙو جيڪب آباد پهچي پوليو ورڪر کي 50 لک جو چيڪ ڏنو، صوبائي وزير شاھينه ايم پي اي ندا کھڙو جيڪب آباد زيادتي جي شڪار پوليو ورڪر جي گهر پهتيو ن پوليو ورڪر سان زيادتي واري معاملي کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران 50 لک روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، ان موقعي تي ايم پي اي ندا کهڙو جو چوڻ هو ته اڄ جيڪب آباد پهچي متاثره پوليو ورڪر سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي ان سان گڏوگڏ چيڪ به ڏنو ويو پيپلزپارٽي هميشه عورتن کي طاقتور بڻائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي پوليو ورڪر سان زيادتي واري معاملي تي ڏک ٿيو آهي جوابدارن کي سزا ڏني وڃي جيئن ٻيهر اهڙو واقعو پيش نه اچي سگهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ