اتوار، 20 ستمبر 2026
بریکنگ

ملير جي قديم ڳوٺ ڪريم داد جوکيو جي رھواسين جو بيدخل ڪرڻ خلاف ڌرڻو

سنڌي خبرون 17th Aug 2026 173 مناظر
ملير جي قديم ڳوٺ ڪريم داد جوکيو جي رھواسين جو بيدخل ڪرڻ خلاف ڌرڻو

انتظاميا طرفان ڳالهيون ڪري ڳوٺ خالي نه ڪرائڻ جي خاطري تي ڌرڻو ختم

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي قديم ڪريم داد جوکيو ڳوٺ کي مبينا طور DHA فيز IX جي انتظاميا طرفان بيدخل ڪرڻ جي ڪوششن خلاف سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ ڳوٺاڻن پاران DHA فيز IX جي مين چوڪ تي احتجاجي ڌرڻو هڻي اچ وڃ بند ڪري ڇڏي جنهن ۾ ڊي ايڇ اي جو ڪاروهنوار رڪجي ويو ڌرڻي ۾ عورتن سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. جنهن جي اڳواڻي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن محمد سليم سالار، مجاهد سليمان جوکيو، جان شير جوکيو، رضوان جوکيو، عابدين جوکيو ۽ حاجي عبدالغفور جوکيو ڪري رهيا هئا احتجاج ڪندڙن سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته قديمي ڳوٺ ڪريم داد جوکيو سميت علائقي جي ٻين ڳوٺن کي بيدخلي يا ڪنهن به قسم جي مبينا مداخلت کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي. مسلسل احتجاج سبب DHA جي سيڪيورٽي انچارج ڪرنل جاويد پهچي ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪيون ۽ ڳوٺاڻن کي مستقبل ۾ مداخلت نه ڪرڻ ۽ سندن مطالبن تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو احتجاج ڪندڙن ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڪرنل جاويد خاطري ڪرائي ته ڳوٺ ڪريم داد جوکيو سميت ڪنهن به ڳوٺ کي بيدخل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويندي. ڳوٺ ڪريم داد جوکيو ۽ ٻين ڳوٺن مٿان ڊرون ڪيمرائن وارا جهاز نه اڏايا ويندا سادن ڪپڙن ۾ ڪنهن به ايجنسي يا سيڪيورٽي اهلڪار کي ڳوٺاڻن وٽ موڪلڻ کان پاسو ڪيو ويندو ڳوٺاڻن کي ڳوٺ شفٽ ڪري وڃڻ لاءِ آفيس ۾ گهرائي مبينا طور هراسان نه ڪيو ويندو مقامي ۽ پاڙيسري هجڻ جي ناتي ڳوٺاڻن جي بنيادي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو اڳواڻن چيو ته ڪريم داد جوکيو هڪ قديمي سنڌي ڳوٺ آهي، جنهن جا رهواسي پنهنجي اباڻي زمين ۽ رهائش بابت حقن جي تحفظ لاءِ پرامن جدوجهد جاري رکندا. هنن واضح ڪيو ته جيڪڏهن خاطري باوجود ڳوٺاڻن سان ٻيهر مداخلت يا بيدخلي جي ڪوشش ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ