ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

ٺٽي ضلعي ۾ موبائل نيٽ ورڪ جي بدترين صورتحال، صارفين پريشان، ڪارروائي جو مطالبو.

سنڌي خبرون 17th Aug 2026 139 مناظر
ٺٽي ضلعي ۾ موبائل نيٽ ورڪ جي بدترين صورتحال، صارفين پريشان، ڪارروائي جو مطالبو.
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)ضلعي ٺٽي جي مختلف علائقن، خاص طور جنگشاهي، گلمنڊا، گجو ، ٺٽو شهر ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن۾ مختلف موبائل نيٽ ورڪ ڪمپنين جا سگنل بار بار غائب ٿيڻ ۽ انٽرنيٽ سروس ڊگهي وقت تائين متاثر رهڻ سبب هزارين صارف سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. صارفين موجب ڪيترن ئي علائقن ۾ نيٽ ورڪ ڪلاڪن تائين بند يا انتهائي ڪمزور رهي ٿو، جنهن سبب موبائل پيڪيج ضايع ٿيڻ سان گڏ ڪاروبار، آن لائن ادائيگين، ڊجيٽل خدمتن ۽ روزمره رابطن ۾ پڻ رڪاوٽون پيدا ٿين ٿيون. خاص طور بجلي جي بندش دوران نيٽ ورڪ سروس وڌيڪ متاثر ٿيڻ جون شڪايتون وڌي رهيون آهن. متاثر علائقن جي رهواسين جو چوڻ آهي ته هو بار بار لاڳاپيل ڪمپنين کي شڪايتون ڪندا رهيا آهن، پر مسئلي جو مستقل حل نه ٿي سگهيو آهي. هنن چيو ته موبائل آپريٽرز PTA جي لائسنس ۽ Quality of Service (QoS) واري ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت صارفين کي مقرر معيار مطابق ٽيليڪام سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ شڪايتن جو ازالو ڪرڻ جا پابند آهن. صارفين پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (PTA) کان مطالبو ڪيو آهي ته متاثر علائقن ۾ نيٽ ورڪ ڪوريج ۽ سروس جو فوري جائزو وٺي، لاڳاپيل موبائل ڪمپنين کي نوٽيس جاري ڪري، غفلت يا مقرر معيار جي ابتڙ سروس فراهم ڪرڻ جي صورت ۾ قانون ۽ ريگيوليٽري ضابطن موجب ڪارروائي ۽ ڏنڊ لاڳو ڪيو وڃي، جڏهن ته صارفين جي ضايع ٿيل سروس بابت شڪايتن جو پڻ ازالو ڪرايو وڃي. رهواسين مطالبو ڪيو ته نيٽ ورڪ ٽاورز ۽ لاڳاپيل انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائي ٺٽي ضلعي ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس جي بار بار ٿيندڙ بندش جو مستقل حل ڪڍيو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ