ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

ڄامشورو: ڪراچي موري وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ رڪشا ڊرائيور قتل

سنڌي خبرون 14th Jul 2026 169 مناظر
ڄامشورو: ڪراچي موري وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ رڪشا ڊرائيور قتل

حيدرآباد روڊ تي ڪراچي موري ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ رڪشا ڊرائيور عبدالرحمان پٽ عبدالمنان زخمي ٿي پيو

ڄامشورو(رپورٽر) ڪراچي موري وٽ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، رڪشا ڊرائيور قتل، حيدرآباد روڊ تي ڪراچي موري ڀرسان نامعلوم هٿياربندن رڪشا ڊرائيور عبدالرحمان ولد عبدالمنان مٿان فائرنگ ڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو ۽ واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويا. زخمي عبدالرحمان کي ترت اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، جڏهن ته اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪيون پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي،قتل ٿيل جو تعلق حيدرآباد سان آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ