پیر، 26 اکتوبر 2026
بریکنگ

ملير: مول ندي ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي فوت، 6 ڄڻن کي بچايو ويو

سنڌي خبرون 15th May 2026 283 مناظر
ملير: مول ندي ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي فوت، 6 ڄڻن کي بچايو ويو

پاچران مول ندي ۾ وهنجڻ دوران 7 ڄڻا تيز وهڪري ۾ لڙهي ويا، جن مان محمد فهد ٻڏي فوت ٿي ويو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير لڳ مول ندي ۾ وھجندي نوجوان محمد فهد ٻڏي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 6 ٻين نوجوانن جون زندگيون مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت بچائي ورتيون۔تفصيل موجب ڪراچي جي مختلف علائقن، جن ۾ ڪورنگي سميت ٻيا علائقا شامل آهن، سان تعلق رکندڙ 7 نوجوان تفريح لاءِ پاچران مول ندي پهتا ۽ وهنجڻ لاءِ پاڻي ۾ لٿا. ان دوران اوچتو پاڻي جي تيز وهڪري سبب نوجوان هڪ ٻئي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي پاڻ به خطري ۾ پئجي ويا۔ واقعي دوران هڪ نوجوان محمد فهد پاڻي جي تيز وهڪري ۾ ٻڏي ويو ۽ موقع تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته مقامي رهواسين بروقت پهچي ريسڪيو ڪري 6 نوجوانن کي ٻاهر ڪڍي سندن حياتيون بچايون۔علائقي واسين موجب متاثر نوجوان مدد لاءِ آواز ڏيندا رهيا، جنهن تي کين فوري طور تي ريسڪيو ڪيو ويو. فوت ٿيل نوجوان جي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔مقامي انتظاميا موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته علائقي ۾ اهڙن خطرناڪ هنڌن تي وهنجڻ کان بچڻ لاءِ احتياطي اپاءَ وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ