منگل، 27 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز ۾ ڦل ريگيوليٽر تي ڊيوٽي ڪندڙ ايريگيشن ملازم کي مبينا ڌمڪين خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 18th May 2023 85 مناظر

وسيم خان مشوري کي ڌمڪيون ڏيندڙ بااثرن خلاف ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي: اڳواڻ

نوشھروفيروز:(ڊ ر) ڦل ريگيوليٽر تي ڊيوٽي ڪندڙ ايريگيشن جي ملازم کي بااثر زميندار پاران تشدد جو نشانو بڻائي زبردستي اغوا ڪرڻ ۽ نوشھروفيروز پوليس پاران اهڙو ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف ايريگيشن ايمپلائيز يونين روھڙي ڊويزن ايٽ مورو جي ملازمن طرفان ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ مظاهري جي اڳواڻي محمد خان مشوري۔ محمد يعقوب وڳڻ۔ محمد بخش ڪورائي۔ محمد حسن زرداري۔ ماجد ڦل ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا۔ ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته گزريل رات ڦل ريگيوليٽر تي ويگو تي سوار هٿياربند زميندار فرحان علي ڏاهري۔ ڊرائيور مبين ابڙو۔ عبدالحفيظ ڏاهري۔ سڪندر وڳڻ ۽ پنج نامعلوم جوابدار هٿيارن جي زور تي گيج کان وڌيڪ زبردستي ريگيوليٽر کولي رهيا هئا ته اتي موجود ايريگيشن جي ملازم وسيم خان مشوري ائين ڪرڻ کان روڪيو ۽ چيو گيج کان وڌيڪ پاڻي کولڻ سان ڳوٺ ٻڏندا ۽ وڏو نقصان ٿيندو جنهن تي هٿياربندن ملازم کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٻين ملازمن جي اچڻ تي هٿياربند ملازم کي موتمار ڌمڪيون ڏيندا زوانا ٿي ويا۔ هنن چيو ته اهڙي شڪايت کڻي اسان ڦل ٿاڻي تي وياسين ته هنن حد نه هجڻ جو جواز ڄاڻي اسان جو ڪيس داخل نه ڪيو۔ ان کان پوء اسان نوشھروفيروز ٿاڻي تي آياسين جتي پوليس وارن اسان کي چيو ته جيستائين ايس ايڇ او حنيف مهر اسان کي حڪم نه ڪندو اسان ڪيس داخل نه ڪنداسين۔ اسان ڪيترائي ڪلاڪ ٿاڻي اڳيان بيٺا رهياسين پر اسان جو هن مھل تائين ڪيس داخل نه ڪيو ويو آھي۔ اڳواڻن جو چوڻ هو ته نوشھروفيروز پوليس ايريگيشن جي ملازمن کي تحفظ ڏيڻ بجاء بااثر دهشتگرد زميندار ۽ ان جي واٺن جي ونگارو بڻجي چڪي آھي۔ ملازمن آء جي سنڌ ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڀوتارن جي ونگارو بڻيل ڪرپٽ پوليس ايس ايڇ او حنيف مهر خلاف ڪارروائي ڪري ملازم جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر ايريگيشن جا ملازم سراپا احتجاج بڻجي پوندا۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ