منگل، 13 اکتوبر 2026
بریکنگ

بلاول ڀٽو زرداري جو نون ڊيمن بابت بيان ملڪي عوام کي گمراھ ڪرڻ کانسواءِ ڪجھ به ناھي: اياز لطيف پليجو

سنڌي خبرون 10th Sep 2025 376 مناظر
بلاول ڀٽو زرداري جو نون ڊيمن بابت بيان ملڪي عوام کي گمراھ ڪرڻ کانسواءِ ڪجھ به ناھي: اياز لطيف پليجو

ڪروڙين ماڻھو سنڌ دشمن ڪالاباغ ڊيم سميت نون ڊيمن کي رد ڪري چڪا آھن

حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ بلاول ڀٽو زرداري جو نون ڊيمن ٺاهڻ بابت بيان ملڪ جي عوام کي گمراھ ڪرڻ کانسواءِ ڪجھ بہ ناھي.نون ڊيمن جي ڳالھ سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواھ اسيمبلين جي توھين برابر آھي. ڪروڙين ماڻھو سنڌ دشمن ڪالاباغ ڊيم سميت نون ڊيمن کي رد ڪري چڪا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ درياھ، زمينون ۽ ٻيا وسيلا وڪڻي رھي آھي. ارسا ۽ واپڊا سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏيڻ بدران سدائين سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻڻ ۾ سھولتڪاري ڪئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ، ملير ندي، لياري ندي، سم نالن ۽ پاڻي جي قدرتي گذر گاھن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن. سنڌو درياھ ۽ ان جي مددي ندين تي ڪو بہ ڊيم يا ڪئنال قبول ناھي. برسات سبب فصلن کي پيل نقصان جو آبادگارن کي معاوضو ڏنو وڃي. سنڌو درياھ کي بنجر ۽ ڀڙڀانگ بنائڻ جا منصوبا جوڙڻ بدران ٻارنھن مھينا پاڻي کي ھلڻ ڏنو وڃي تہ ڪو بہ نقصان نہ ٿيندو. سنڌو درياھ ۾ ٻوڏ ناھي، سالن کانپوء ڪوٽڙي کان ھيٺ سمنڊ تائين پاڻي ويو آھي. سنڌو درياھ ۾ چاڙھ سان سنڌ کي فائدو ٿيو آھي. حڪمرانن جي نااهلي سبب ماڻھو تڪليف ۾ آھن. ڪرپشن ۽ لٽمار لاءِ ٻوڏ جا جواز پيدا ڪيا پيا وڃن. پاڻي نيڪال جي نالي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ