بدھ، 07 اکتوبر 2026
بریکنگ

ملير ۾ عوامي پريس ڪلب جي سڏ تي پيڪا قانون خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو

سنڌي خبرون 03rd Feb 2025 341 مناظر
ملير ۾ عوامي پريس ڪلب جي سڏ تي پيڪا قانون خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو

سامي ميمڻ ،جمشيد زهراڻي، طارق سهتو،غلام علي گوندر، عنايت شاھ ايم زمان جوکيو ۽ ٻين احتجاج ڪيو

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) صحافت خلاف مڙهيل پيڪا قانون خلاف عوامي پريس ڪلب جي سڏ تي قلم ڌڻين جو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، پيڪا قانون ختم ڪريو، صحافت تي حملا بند ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا، هن جهموري دور ۾ آمريت جي دور جا ڪارا قانون مڙهي صحافين جي بنيادي حقن تي راتاهو هنيو پيو وڃي اظهار جي آزادي نه هوندي ته ملڪ بدنام ٿيندو، سامي ميمڻ ،جمشيد زهراڻي، طارق سهتو ۽ ٻين جو خطاب، تفصيل موجب صحافت خلاف مڙهيل پيڪا قانون خلاف عوامي پريس ڪلب جي سڏ تي قلم ڌڻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو احتجاج ۾ شريڪ مانهن جي هٿن ۽ بينر هئا جيڪي پيڪا قانون ختم ڪريو، صحافت تي حملا بند ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي سامي ميمڻ ،جمشيد زهراڻي، طارق سهتو،غلام علي گوندر، عنايت شاھ ايم زمان جوکيو ۽ ٻين چيو ته پيڪا قانون آزاد صحافت تي وار آهي ۽ جهموري دور ۾ آمريت جي دور جا ڪارا قانون مڙهي صحافين جي بنيادي حقن تي راتاهو هنيو پيو وڃي اظهار جي آزادي نه هوندي ته ملڪ بدنام ٿيندو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ