ہفتہ، 03 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڳاڙهو پوليس پاران واپاري جي دڪان مان چوري ٿيل رقم رڪور ڪرائڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 13th Jan 2026 252 مناظر
ڳاڙهو پوليس پاران واپاري جي دڪان مان چوري ٿيل رقم رڪور ڪرائڻ جي دعويٰ

ابراهيم حيدري جي علائقي ۾ ڪاروائي ڪري 4 لک 95ھزار رپيا هٿ ڪيا ويا : پوليس

ٺٽو(شفيق ڀٽي)ڳاڙهو شهر مان ٻہ ڏينهن اڳ واپاري حاتم کٽيءَ جي موبائيل شاپ تان 4 لک 95 هزار رپيا ڪيش رقم چوري ٿيل ڳاڙھو پوليس ابراهيم حيدري جي علائقي مان ڪاروائي ڪري چوري ٿيل رقم 4 لک 95،ھزارين روپيا برآمد ڪري ورتا ٻه ڏينهن اڳ ڳاڙهو شھر مان واپاري حاتم کٽي جي موبائيل شاپ تان 4 لک 95 ھزارين رپيا ڪيش رقم چوري ٿي ويئي جنهن جي ڳاڙهو ٿاڻي تي اين سي داخل ٿيل هئي ايس ايڇ او ڳاڙهو عبدالحميد روڌناڻي پوليس نفري سان گڏ ابراهيم حيدري جي بنگالي پاڙي ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هڻي چوري ٿيل ڪيش رقم 4 لک 95 ھزار روپيا برآمد ڪري ورتا برآمد ٿيل رقم حاتم کٽي جي حوالي ڪئي ويئي ڳاڙھو پوليس جي اھڙي ڪارروائي جي سياسي سماجي اڳواڻن پاران واکاڻ ڪئي آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ