ہفتہ، 03 اکتوبر 2026
بریکنگ

قائدآباد پوليس جي ڪارروائي، 3 ڄڻا گرفتارڪرڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 17th Mar 2025 194 مناظر
قائدآباد پوليس جي ڪارروائي، 3 ڄڻا گرفتارڪرڻ جي دعويٰ
ملير (ڊ ر ) قائد آباد پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي گهرن ۾ چوري ڪندڙ گروهه جي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. قائد آباد ٿاڻي جي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدار رات جي وقت گهرن مان قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويندا هئا. قائد آباد پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار پيشيور ڏوهاري آهن شهري پاران قائد آباد ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ عيد محمد، شهباز ۽ ريحان طور ٿي آهي. گرفتار جوابدارن جاچ دوران ڪيترن ئي وارداتن جو اعتراف پڻ ڪيو آهي قائد آباد پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن خلاف ضابطي جي ڪارروائي ڪري وڌيڪ جاچ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ