ہفتہ، 03 اکتوبر 2026
بریکنگ

ابراهيم حيدري جا 11 ماھيگير ڀارتي اختيارين هٿان گرفتار، ننڍي عمر ٻه ٻار به شامل، گهرڀاتين طرفان فوري طور آزادي جو مطالبو

سنڌي خبرون 12th Dec 2025 193 مناظر
ابراهيم حيدري جا 11  ماھيگير ڀارتي اختيارين هٿان گرفتار، ننڍي عمر ٻه ٻار به شامل، گهرڀاتين  طرفان فوري طور آزادي جو مطالبو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري مان مڇي مارڻ لاءِ ويندڙ ھڪ ٻيڙي تي سوار 11 پاڪستاني ماھيگيرن کي ڀارتي ميرٽائم فورسز گرفتار ڪري ورتو آهي. 10 ڊسمبر تي سندن گرفتاري جي اطلاع ملي جڏھن ته ماھيگير گذريل جمعي تي سامونڊي شڪار لاءِ نڪتا ھئا گرفتار ٿيل مهاڻن ۾ ننڍي عمر جا ٻه ٻار به شامل آهن جن جي عمر 12 ۽ 15 سال ٻڌائي وڃي ٿي گرفتار ماھيگيرن ۾ شفيع محمد عمر 50 ورھ ، ابراهيم عمر 52 ورھ ، غلام مصطفيٰ 31 ورھ ، شرمي ربار 32 ورھ ، حبيب بيلا 15 ورھ ، سلطان احمد 35 ورھ سومار 51 ورھ ، سرفراز 24 ورھ مهتاب علي 25 ورھ ، ظھير 12 ورھ ۽ حسين 56 وره شامل آهن ماھيگير اڳواڻن موجب ڀارتي فورسز جي ڪارروائي اقوامِ متحده جي سامونڊي قانون (UNCLOS) جي کليل ڀڃڪڙي آهي، جنھن تحت سامونڊي حدن ۾ غلطیءَ سان داخل ٿيڻ تي ماھيگيرن کي سزا ڏيڻ بدران فوري طور رھائي ڏيڻ لازمي آهي گرفتار ماھيگيرن جي گھرڀاتين شديد پريشاني جو اظهار ڪندي چيو آهي ته غريب ماھيگير رڳو روزي ڪمائڻ لاءِ سمنڊ ۾ وڃن ٿا، ۽ سندن گرفتاري سبب پورو ڪٽنب معاشي بدحالي ۽ بک جو شڪار ٿي وڃي ٿو۔ سندن چوڻ آهي ته نه ڪا سرڪاري مدد ملي ٿي ۽ نه ئي ڪو سندن سوال جو جواب ڏيڻ وارو موجود آهي متاثره گھر ڀاتين ۽ سماجي تنظيمون پاڪستان ۽ ڀارت جي حڪومتن سان گڏ عالمي انساني حقن وارن ادارن کان مطالبو ڪن ٿيون ته گرفتار ماھيگيرن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ٻارن جي گرفتاري تي بين الاقوامي سطح تي نوٽيس ورتو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ