جمعہ، 30 اکتوبر 2026
بریکنگ

ٺٽو: ريلوي جو رٽائرڊ ملازم ريل گاڏي تان ڪِري فوت

سنڌي خبرون 22nd Sep 2025 229 مناظر
ٺٽو: ريلوي جو رٽائرڊ ملازم ريل گاڏي تان ڪِري فوت
ٺٽو( ڊر)جنگشاهي لڳ چاڙهي اسٽاپ جو رهواسي ريلوي جو رٽائرڊ ملازم لالا عبدالله ولد شفيع محمد جوکيو جهمپير ريلوي اسٽيشن تي ٽرين تان پير سلپ ٿيڻ سبب گاڏي هيٺيان اچي فوت، تفصيل موجب ريلوي جو رٽائرڊ ملازم جنگشاهي لڳ چاڙهي اسٽاپ جو رهواسي لالا عبدالله جوکيو جنگشاهي کان هزاره ايڪسپريس ۾ ڪوٽڙي وڃي رهيو هو ته جهمپير ريلوي اسٽيشن تي گاڏي جي گيٽ تان سندس پير سلپ ٿيڻ ڪري ريل گاڏي جي هيٺيان اچي ويو ۽ سندس مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ جي نتيجي ۾ پاڻ موقعي تي فوت ٿي ويو موقعي تي چوڪي انچارج جهمپير پھچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ ضروري ڪاروائي لائي جهپير کان ڪوٽڙي اماڻيو ويو جڏهن ته پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ