ہفتہ، 03 اکتوبر 2026
بریکنگ

ملير: ابراهيم حيدري جا مهاڻا مسئلن جي حل لاءِ ايم پي اي ھائوس پھچي ويا, کليل ڪچهريمنعقد

سنڌي خبرون 29th May 2024 181 مناظر

ملير: ابراهيم حيدري جا مهاڻا مسئلن جي حل لاءِ ايم پي اي ھائوس پھچي ويا, کليل ڪچهريمنعقد

ملير (رپورٽر) ابراهيم حيدري جا مهاڻا مسئلن جي دانهن کڻي ايم پي اي هائوس پهتا، جتي پوليس ۽ ٻين ادارن جي زيادتين بابت شڪايتون ڪيون ويون ايم پي اي هائوس ۾ مهاڻن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ کليل ڪچهري ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ پي ايس 87 جي صدر جان عالم ڄاموٽ مهاڻن جا مسئلا ٻڌا مهاڻن شڪايتون ڪيون ته پوليس مڇي جي شڪار تي ويندڙ مهاڻن کي تنگ ڪندي آهي، جنهن تي ايس ايڇ او جاويد ابڙو، جان عالم ڄاموٽ ۽ مهاڻن کي خاطري ڪرائي ته آئنده ائين نه ٿيندو، هاڻ مهاڻن کي تنگ ڪندڙ پوليس عملدارن خلاف ايڪشن ٿيندو جان عالم ڄاموٽ چيو سمنڊ ۾ روزگار لاءِ ويندڙ مهاڻن کي تنگ ڪرڻ ظلم آهي، جيڪو برداشت نه ڪيو ويندو، جيڪي ماڻهو منشيات جو ڪاروبار ڪن ٿا، تن کي ڀلي گرفتار ڪريو پر غريب مهاڻن کي تنگ ڪرڻ جو سلسلو فوري طور بند ٿيڻ کپي. ان موقعي تي ايم پي اي جو پرسنل سيڪريٽري جمشيد جميل ۽ ٻيا پڻ موجود هئا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ