پیر، 12 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ويجهو ناري پراسرار نموني گم، وارث سخت پريشان

سنڌي خبرون 12th Aug 2025 227 مناظر
نوشهروفيروز ويجهو ناري پراسرار نموني گم، وارث سخت پريشان

ڳوٺ بچل ٻرڙو واسڻ ثريا ٻرڙو 3 هفتا اڳ گهران نڪرڻ بعد گم ٿي وئي: والد نبي بخش ٻرڙو

نوشهروفيروز(ڊ ر) نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ بچل ٻرڙو واسي نوجوان ناري گذريل ٽن هفتن کان غائب، گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي ناري 17 ساله ثريا ٻرڙو جي پيءُ نبي بخش ٻرڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته منهنجي نياڻي گذريل ٽي هفتا اڳ گهران نڪري گم ٿي وئي آهي جنهن جو ذهني توازن درست نه هجڻ ڪري وڏي پريشاني ٿي رهي آهي هن ايس ايس پي نوشھروفيروز سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته سندس نياڻي جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ