ہفتہ، 10 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏهاڙي تي ريلي ڪڍي وئي

سنڌي خبرون 28th Jul 2025 219 مناظر
نوشهروفيروز هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏهاڙي تي ريلي ڪڍي وئي

ريلي جي اڳواڻي ڊي ايڇ او نوشهروفيروز ڊاڪٽر غلام قادر چانڊيو ۽ ٻين ڪئي

نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڊي ايڇ او نوشهروفيروز جي حڪم تي ريلي ڪڍي وئي ريلي هيپاٽائيٽس سينٽر کان نڪتي جيڪا سول اسپتال جي گيٽ تي ختم ٿي جنهن جي اڳواڻي ڊي ايڇ او نوشهروفيروز ڊاڪٽر غلام قادر چانڊيو، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر مختيار ميمڻ، فوڪل پرسن ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر، ڊاڪٽر نور حسین مورو، ڊاڪٽر حاڪم جوکيو ڪري رهيا هيا جن چيو ته هيءَ ريلي هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏينهن جي موقعي ڪڍي وئي آهي جنهن ۾ عام ماڻهو تائين سائيء جي باري ۾ ڄاڻ پهچائڻ آهي سائيء جي بيماري ايتري ته خطرناڪ آهي جو ڪينسر تائين پهچي سگهي ان لاءِ وقت سر ان جو علاج پنهنجي ويجهي سينٽر تان وٺي پاڻ کي انهيءَ خطرناڪ بڻجندڙ بيماري کان بچائي سگهجي ٿو هنن چيو ته هيپاٽائيٽس بي هجي يا سي يا وري ڪهڙي به قسم جي هجي ان جو علاج سول اسپتال سميت ضلعي جي مختلف اسپتالن ۾ موجود آهي پهريان ٽيسٽون ڪيون وڃن ٿيون بعد ۾ انهيءَ بيماري جو علاج به مفت ۾ ڏنو وڃي ٿو جنهن مان پاڻ به فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ پنهنجي مٽن مائٽن کي به فائدو ڏياري سگهجي ٿو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ