ہفتہ، 10 اکتوبر 2026
بریکنگ

سجاول ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج

سنڌي خبرون 12th Jan 2026 331 مناظر
سجاول ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج

مرضي سان حاجن کٽي سان عدالت ۾ پرڻو ڪيو آهي: شائسته ملاح

سجاول (رپورٽر) پسند جو پرڻو ڪندڙ پريمي جوڙي جو تحفظ لاءِ مطالبو، ميرپور بٺورو جي رهواسڻ شائسته ملاح سجاول جي رهواسي حاجن کٽي سان سجاول ڪورٽ ۾ قانوني طور پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي. پرڻو ڪرڻ کانپوءِ پريمي جوڙو سورج سجاولي پريس ڪلب پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شادي ڪرڻ کان پوء ڇوڪري جا مائٽ اسان جي جان جا ويري ٿي ويا آھن .پريمي جوڙي جو چوڻ هو ته هو پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي، پر کين مائٽن طرفان جان جو خطرو آهي. هنن اعليٰ اختيارين، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان اپيل ڪئي ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جيئن هو پرامن زندگي گذاري سگهن.پريس ڪلب ۾ موجود صحافين سان ڳالهائيندي پريمي جوڙي چيو ته هو پاڪستان جي آئين ۽ قانون موجب بالغ آهن ۽ پنهنجي مرضي سان شادي ڪرڻ سندن بنيادي حق آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ