ہفتہ، 03 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ کاهي راهو واسين جو بااثرن خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 09th Dec 2025 305 مناظر
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ کاهي راهو واسين جو بااثرن خلاف احتجاج

بااثرن 8 ايڪڙ زمين تي پوکيل ڪڻڪ جو فصل ٻوڙائي ڇڏيو آهي: خيرل لاڙڪ

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ کاهي راهو جي رهواسي لاڙڪ برادري جي ماڻهن پاران ڪلهوڙا برادري جي ماڻهن جي ظلمن خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو جن جي اڳواڻي خيرل لاڙڪ ۽ عنايت لاڙڪ ڪري رهيا هئا جن نعريبازي به ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪلهوڙا برادري جي ماڻهن اسان جي 8 ايڪڙ زمين جيڪا ڳوٺ کوڙو شريف ۾ آهي ان ۾ ڪاهيل ڪڻڪ جي فصل ۾ پاڻيءَ سان ٻوڙائي ڇڏيو آهي جنهن سبب اسان کي 30 لک روپين جو نقصان ٿيو آهي هنن چيو ته اسان جوابدارن سانوڻ، دلدار، ڪامران، سليم ۽ ٻن نامعلوم ماڻهن تي نوشهروفيروز ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري جيڪا زيادتي آهي هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪرائي ڏنو وڃي ته جيئن اسان سان انصاف ٿي سگهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ