جمعرات، 08 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڊي ايڇ او ٺٽو پاران مختلف علائقن جو دورو ، ضلعي ۾ ھلندڙ پوليو مهم جو جائزو

سنڌي خبرون 06th Oct 2023 220 مناظر

ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه پوليو ٽيمن جي موجودگي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه ضلعي ۾ ھلندڙ پوليو مهم جي نگراني لاءِ مختلف علائقن جو دورو ڪري پوليو ٽيمن جي موجودگي ۽ سندن ڪارڪردگي جو جائزو ورتو - ان موقعي تي ھن مختلف پوليو مرڪزن ۽ ٽرانزسٽ پوائنٽس تي موجود پوليو جي ورڪرن کي ھدايت ڏيندي چيو هو سچائي ايمانداري ۽ نيڪ نيتي سان پنهنجا فرائض سر انجام ڏيندي پنج سالن تائين عمر جي سمورن ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارين ته جيئن ڪوبه ڀار پوليو جي ڦڙا پيارڻ کان رھجي نه وڃي ۽ مھم کي سو فيصد ڪامياب بڻائي مستقبل جي معمارن کي ھميشہ لاءِ معذوري کان بچائي سگهجي - ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه چيو ته ھي ھڪ قومي فريضو آهي جنهن ۾ اسان سڀني کي عملي طور وڌ کان وڌ حصو وٺڻ کپي ته جيئن ھميشہ لاءِ پوليو جھڙي موذي مرض جو خاتمو ڪري سگهجي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ