جمعرات، 01 اکتوبر 2026
بریکنگ

سجاول جي عدالت زال جي قتل ڪيس جي جوابدار کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي

سنڌي خبرون 01st Jul 2026 217 مناظر
سجاول جي عدالت زال جي قتل ڪيس جي جوابدار کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي

عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار علي محمد پٽ خميسو جسڪاڻي کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي

سجاول(رپورٽر)سجاول جي عدالت پاران قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار کي ڦاهي جي سزا. تفصيل موجب فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج سجاول سيد اعجاز شاھ جي عدالت چوهڙ جمالي ٿاڻي تي داخل ڪيس نمبر67/2023 زير دفع ppc302.311۾ نامزد جوابدار علي محمد ولدخميسو جسڪاڻي جي خلاف قتل جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي فيصلو ٻڌائيندي جوابدار کي سزائي موت (ڦاسي )جي سزا ٻڌائي آهي. استغاثہ جي مطابق ڄاڻايل ڪيس اسپيڪٽرخليل الرحمان شاھ سرڪار جي مدعيت ۾ قتل جي الزام ۾ داخل ڪيو هو. ڪيس مطابق سال 2023 ۾ پنھنجي زال مسمات غلام فاطمہ کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو هو. ڪيس جي تفتيش انسپيڪٽر خليل الرحمان انتھائي پيشا ورانہ انداز ۾ مڪمل ڪئي جڏهن ته عدالت ۾ ڪيس جي موثر پيروي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر (adpp)منورعلي دايو ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ ڏوھ ثابت ڪرڻ ۾ ڪاميابي ٿي ۽ معزز عدالت ڏوهاري کي قرار واقعي سزا ٻڌائي آهي. ايس ايس پي سجاول ميڊم علينہ راجپر ان عزم جو عهد ڪيو ته ڏوهارين خلاف بنا فرق جي ڪارروائيون جاري رهنديون ۽ متاثرن کي انصاف ڏيارڻ لاء هرممڪن قانوني قدم کنيا ويندا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ