منگل، 06 اکتوبر 2026
بریکنگ

عوامي پريس ڪلب ملير ويلفيئر آرگنائزيشن جي گڏجاڻي ٿي گذري

سنڌي خبرون 28th Jan 2025 126 مناظر
عوامي پريس ڪلب ملير ويلفيئر آرگنائزيشن جي گڏجاڻي ٿي گذري

گڏجاڻي ۾ قاضي لطيف بلوچ، عبدالقادر درس، منظورسولنگي، نظير سنديلو، عنايت قبمراڻي ۽ ٻيا شريڪ

ملير (درياخان شر) عوامي پريس ڪلب ملير ويلفيئر آرگنائزيشن جي گڏجاڻي آفيس ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سرپرست اعلي قاضي لطيف بلوچ ، عبدالقادر درس ، منظورسولنگي ، عنايت قبمراڻي ، ارشد گبول ، آزاد يونس ،عبدالصمد خاصخيلي ، نظير سنديلو ، فيصل بلوچ ، قاضي غني ميمڻ ، عنايت خاصخيلي ، سڪندر جوکيو ، سرور ميمڻ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا ، عوامي پريس ڪلب ويلفيئر آرگنائزيشن جي اجلاس ۾ پريس ڪلب جي اهم معاملن تي غور فڪر ۽ فيصلا ڪيا ويا ۽ عوامي پريس ڪلب ملير جون سرگرميون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب جي اڳواڻن چيو ته عوامي پريس ڪلب ملير ويلفيئر آرگنائزيشن کي ڪجھ ماڻھن نقصان رسايو ۽ عوامي پريس ڪلب ملير ويلفيئر آرگنائزيشن جا لکين روپيا فنڊ کڻي فرار ٿي ويا آھن جنهن جي سوشل ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان جاچ ڪئي وئي جنهن جي جاچ رپورٽ پڻ جاري ڪئي وئي هنن چيو ته جلدي عوامي پريس ڪلب ملير ويلفيئر آرگنائزيشن جي سرگرميون ۾ وڌارو آڻي منظم طريقي سان ڪم جاري رکيو ويندو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ