بدھ، 14 اکتوبر 2026
بریکنگ

ملير يو سي چشما جي چيئرمين عمران يوسفزئي تي مبينا حملو، پٽ ۽ سؤٽ زخمي

سنڌي خبرون 15th Mar 2026 285 مناظر
ملير يو سي چشما جي چيئرمين عمران يوسفزئي تي مبينا حملو، پٽ ۽ سؤٽ زخمي

پ پ جي يوسي چيئرمين عمران يوسفزئي تي مبينا حملي ۾ سندس پٽ ابرار ۽ سؤٽ تصل خان زخمي ٿي پيا

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ضلع ملير جي علائقي ابراهيم حيدري ٽاؤن جي يو سي چشمہ ڳوٺ جي چيئرمين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل عمران يوسفزئي تي مبينا طور ڪجهہ شرپسند ماڻهن حملو ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس پٽ ابرار يوسفزئي ۽ سؤٽ تصل خان زخمي ٿي پيا، ذريعن موجب واقعي کان فوري بعد زخمين کي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين علاج فراهم ڪيو پيو وڃي، يو سي چيئرمين عمران يوسفزئي موجب علائقي ۾ هڪ معمولي تڪرار تي پنچائت جاري هئي، هو معاملو حل ڪرائڻ لاءِ موقعي تي پهتا ۽ ڌرين سان ڳالهين جي ڪوشش ڪئي، پر ان دوران ڪجهہ ماڻهن اوچتو حملو ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس پٽ ۽ سؤٽ زخمي ٿي پيا، واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڳڻتي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ